ڳوٺاڻي ترقي مضبوط معيشت، پائيدار خوشحالي ۽ قومي استحڪام جو بنياد آهي.: گورنر سنڌ

ڪراچي- 06 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڳوٺاڻي ترقي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڳوٺاڻي ترقي مضبوط معيشت، پائيدار خوشحالي ۽ قومي استحڪام جو بنياد آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت هارين ۽ آبادگارن جي ڀلائي، زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ ڳوٺاڻي ترقي لاءِ ڪيترائي اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. جديد زرعي ٽيڪنالاجي، آسان زرعي قرضن ۽ هاري …

ڪراچي- 06 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڳوٺاڻي ترقي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڳوٺاڻي ترقي مضبوط معيشت، پائيدار خوشحالي ۽ قومي استحڪام جو بنياد آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت هارين ۽ آبادگارن جي ڀلائي، زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ ڳوٺاڻي ترقي لاءِ ڪيترائي اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. جديد زرعي ٽيڪنالاجي، آسان زرعي قرضن ۽ هاري دوست پروگرامن وسيلي زرعي شعبي کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ڳوٺاڻين عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين بهتر معاشي موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي. هن چيو ته ڳوٺاڻي ترقي جو عالمي ڏينهن هر آبادگار جي خوشحالي، هر ڳوٺ جي ترقي ۽ مضبوط ڳوٺاڻي معيشت جي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي.