لاڙڪاڻو-06 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ سال 2013ع دوران تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي ڀرتين لاءِ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ ويٽنگ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ توڙي پارلياماني اسپيشل ڪاميٽي ۾ اين ٽي ايس پاس اميدوارن کي شامل ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اميدوارن پيراڻو ميراڻي، اعجاز جهتيال، وقار …
لاڙڪاڻي ۾ اين ٽي ايس پاس پي ايس ٽي ۽ اِي ايس ٽي اميدوارن جو آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ احتجاج
لاڙڪاڻو-06 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ سال 2013ع دوران تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي ڀرتين لاءِ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ ويٽنگ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ توڙي پارلياماني اسپيشل ڪاميٽي ۾ اين ٽي ايس پاس اميدوارن کي شامل ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اميدوارن پيراڻو ميراڻي، اعجاز جهتيال، وقار چنا، خادم حسين منگي، ذوالفقار علي ڪلهوڙو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 2013ع دوران تعليم کاتي ۾ ڀرتي لاءِ اسان اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ ميرٽ تي پاس ٿياسين، پر ان وقت سنڌ حڪومت يونين ڪائونسل جي بنياد تي هٿرادو خالي جڳهون تيار ڪيون، جن تي من پسند اميدوارن کي ڀرتي ڪري اسان کي نظر انداز ڪيو ويو، اهڙي عمل خلاف اسان مسلسل وقت به وقت احتجاج ڪرڻ سان گڏ انصاف لاءِ عدالتن جو در پڻ کڙڪايو آهي، جڏهن ته عدالتي فيصلا اسان جي حق ۾ اچڻ باوجود سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي اسان سان انصاف ناهي ڪيو. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي هر ڀيري من پسند پاليسيون جوڙي مختلف علائقن کي هارڊ ايريا قرار ڏئي 97 هزار جي لڳ ڀڳ استاد ڀرتي ڪيا آهن، پر 2013ع جي اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن سان اڄ تائين انصاف ناهي ڪيو ويو، هن وقت به سڄي سنڌ ۾ اسان جو احتجاج هلندڙ آهي، اسان کي خوشي آهي ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ويٽنگ اميدوارن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جي سربراهي ۾ پارلياماني اسپيشل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل سومرو ۽ ٻيا ميمبر شامل آهن، جن کان اسان گهر ٿا ڪيون ته آءِ بي اي ويٽنگ اميدوارن سان گڏ اسپيشل ڪاميٽي ۾ اسان لاڙڪاڻي جي 100 اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن سميت سنڌ جي سمورن ويٽنگ اميدوارن جي ڀرتين جو معاملو شامل ڪري آفر آرڊر ڏئي روزگار سان لڳايو وڃي.












