چين جي سامونڊي فوج پاران ميزائل تجربو معمول واري سالياني فوجي مشقن جو حصو آهي: چين جي پرڏيهي وزارت

بيجنگ- 06 جولاءِ (اي پي پي)چين چيو آهي ته چين جي بحريه طرفان ميزائل جو تجربو ملڪ جي ساليانو فوجي تربيتي مشقن جو معمول وارو حصو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماننگ سومر ڏينهن معمول واري پريس بريفنگ دوران آبدوز کان اسٽريٽجڪ ميزائل جي تجربي سان لاڳاپيل سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته چين ان تجربي کان اڳ لاڳاپيل ملڪن کي …

بيجنگ- 06 جولاءِ (اي پي پي)چين چيو آهي ته چين جي بحريه طرفان ميزائل جو تجربو ملڪ جي ساليانو فوجي تربيتي مشقن جو معمول وارو حصو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماننگ سومر ڏينهن معمول واري پريس بريفنگ دوران آبدوز کان اسٽريٽجڪ ميزائل جي تجربي سان لاڳاپيل سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته چين ان تجربي کان اڳ لاڳاپيل ملڪن کي اڳواٽ آگاهه ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته اهو ميزائل تجربو عالمي قانون ۽ عالمي روايتن مطابق ڪيو ويو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته لاڳاپيل ملڪ ان معمول جي فوجي سرگرمي کي غير ضروري طور تي وڌائي پيش نه ڪندا.