ڪولمبو- 06 جولاءِ(اي پي پي) سريلنڪا جي شهر نيگومبو جي جيل ۾ ٿيل پرتشدد هنگامن ۾ 25 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ جيل جا 5 اهلڪار ۽ 20 قيدي شامل آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ نيگومبو جيل جي قيدين کي ٻين جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن. …
سريلنڪا جي نيگومبو جيل ۾ هنگامو، 5 اهلڪار ۽ 20 قيدي مارجي ويا، 100 زخمي
ڪولمبو- 06 جولاءِ(اي پي پي) سريلنڪا جي شهر نيگومبو جي جيل ۾ ٿيل پرتشدد هنگامن ۾ 25 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ جيل جا 5 اهلڪار ۽ 20 قيدي شامل آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ نيگومبو جيل جي قيدين کي ٻين جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن. هنگامو آچر ڏينهن ٻنپهرن جو اٽڪل هڪ وڳي ان وقت شروع ٿيو، جڏهن قيدين جي ٻن ڌرين وچ تڪرار ٿيو. آچر جي رات تائين صورتحال تي ضابطو آندو ويو هو، جڏهن ته سومر جي صبح جو هڪ ڀيرو ٻيهر تشدد جا واقعا شروع ٿيا.












