برطانوي فضائي ڪمپني ايزي جيٽ پاران 5.5 ارب پائونڊن جي آمريڪي خريداري جي آڇ تي راضپو ظاهر

لنڊن - 06 جولاءِ (اي پي پي) برطانيه جي فضائي ڪمپني ايزي جيٽ آمريڪي سيڙپڪاري فرم ڪيسل ليڪ پاران پيش ڪيل خريداري جي آڇ تي اصولي طور رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت ڪمپني جي ماليت 5.5 ارب پائونڊ لڳائي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نئين آڇ تحت في شيئر 6.90 پائونڊ جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا 29 مئي تي ڪيسل ليڪ جي دلچسپي ظاهر ٿيڻ کان …

لنڊن – 06 جولاءِ (اي پي پي) برطانيه جي فضائي ڪمپني ايزي جيٽ آمريڪي سيڙپڪاري فرم ڪيسل ليڪ پاران پيش ڪيل خريداري جي آڇ تي اصولي طور رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت ڪمپني جي ماليت 5.5 ارب پائونڊ لڳائي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نئين آڇ تحت في شيئر 6.90 پائونڊ جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا 29 مئي تي ڪيسل ليڪ جي دلچسپي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ايزي جيٽ جي شيئر جي پڄاڻي واري قيمت کان 73 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان اعلان کان پوءِ ڪمپني جي شيئرز جي قيمت ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو. ايزي جيٽ جي بورڊ چيو ته نئين آڇ اهڙي ماليت تي ٻڌل آهي جنهن جي هو ڪمپني جي شيئر هولڊرز کي سفارش ڪرڻ تي رضامند ٿي سگهي ٿو. پر ڪيسل ليڪ کي 3 آگسٽ تائين باضابطا طور خريداري جي حتمي آڇ  پيش ڪرڻي پوندي. ايزي جيٽ يورپ جي 38 ملڪن ۾ گهٽ خرچ واريون فضائي خدمتون فراهم ڪري ٿي ۽ 355 جهازن ذريعي 1200 کان وڌيڪ روٽس تي اڏامون هلائيندي آهي.

مزید خبریں