شاهي ضيافت پروگرام تحت عمره زائرين جو پهريون گروپ 8 جولاءِ تي مديني شريف پهچندو

رياض _6 جولاءِ (اي پي پي ) سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت هلندڙ سال ضيوف خادم الحرمين الشريفين پروگرام تحت عمراه زائرين جي پهرين گروپ جي آجيان جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسلامي معاملن واري وزارت ٻڌايو ته 16 ايشيائي ملڪن جي 250 ماڻهن تي ٻڌل پهريون گروپ 8 جولاءِ تي مديني شريف پهچندو . پهرين گروپ ۾ انڊونيشيا ، فلپائن ، ڪمبوڊيا ، ٿائيليند …

رياض _6 جولاءِ (اي پي پي ) سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت هلندڙ سال ضيوف خادم الحرمين الشريفين پروگرام تحت عمراه زائرين جي پهرين گروپ جي آجيان جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسلامي معاملن واري وزارت ٻڌايو ته 16 ايشيائي ملڪن جي 250 ماڻهن تي ٻڌل پهريون گروپ 8 جولاءِ تي مديني شريف پهچندو . پهرين گروپ ۾ انڊونيشيا ، فلپائن ، ڪمبوڊيا ، ٿائيليند ، ويٽنام، ميانمار ، لائوس ، اوڀر تيمور ، سنگاپور، چين ، جاپان ، ڏکڻ ڪوريا، هانگ ڪانگ، تائيوان ۽ منگوليا جا عمره زائرين شامل آهن . اسلامي معاملن واري وزارت عمره زائرين لاءِ هڪ پروگرام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ مڪي شريف کان مسجد نبوي جي زيارت ، مديني منوره جي تاريخي ۽ اسلامي هنڌن جا دورا پڻ شامل آهن . سعودي عرب جي  اسلامي معاملن واري وزير ۽ شاهي ضيافت پروگرام جي نگران اعليٰ شيخ عبدالطيف آل الشيخ ٻڌايو ته شاهي ضيافت پروگرام جي شروعات کان هيستائين 140 کان وڌيڪ ملڪن سان لاڳاپو رکندڙ شخصيتن جي ميزباني ڪئي وئي آهي . ياد رهي ته خام الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ذاتي خرچ تي مختلف ملڪن کان هڪ هزار ماڻهن کي عمرو ڪرائڻ جي منطوري ڏني آهي. ضيوف خادم الحرمين الشريفين پروگرام تحت مختلف مرحلن تحت شاهي مهمان سعودي عرب پهچندا.

مزید خبریں