بغداد _6 جولاءِ (اي پي پي) عراق جي تيل واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته بصره صوبي ۾ واقع بن عمر ۽ سندباد آئل فيلڊز جي ترقي لاءِ آمريڪي ڪمپني هالي برٽن سان پنجن سالن جي مربوط انتظامي معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق تيل واري وزارت مان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو معاهدو بصره آئل ڪمپني ۽ هالي برٽن وچ ۾ حڪومت جي …
عراق پاران بصره صوبي جي ٻن آئل فيلڊز جي ترقي لاءِ آمريڪي ڪمپني سان معاهدو

مزید خبریں
بغداد _6 جولاءِ (اي پي پي) عراق جي تيل واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته بصره صوبي ۾ واقع بن عمر ۽ سندباد آئل فيلڊز جي ترقي لاءِ آمريڪي ڪمپني هالي برٽن سان پنجن سالن جي مربوط انتظامي معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق تيل واري وزارت مان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو معاهدو بصره آئل ڪمپني ۽ هالي برٽن وچ ۾ حڪومت جي حڪمت عملي ۽ وزيراعظم علي الزيدي جي هدايت تحت عراق جي تيل ۽ گيس جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ جي مقصد سان طئي ٿيو . معاهدي واري تقريب ۾ تيل واري وزير باسم محمد خضير العبادي چيو ته اهو معاهدو وزارت جي ان وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي جنهن جو مقصد ڪچي تيل ۽ ان سان لاڳاپيل قدرتي گيس جي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ آهي . هن ٻڌايو ته معاهدي تحت ايندڙ پنجن سالن ۾ بن عمر آئل فيلڊ مان ڪچي تيل جي پيداوار وڌائي هڪ لک 50 هزار بيرل روزانو تائين پهچائي ويندي جڏهن ته گيس جي پيداوار 300 ملين معياري ڪيوبڪ فٽ روزانو تائين وڌائڻ جو امڪان آهي. تيل واري وزير مطابق سند باد آئل فيلڊ مان تيل جي پيداوار به وڌائي ڪري 80 هزار کان هڪ لک بيرل روزانو تائين ڪئي ويندي جڏهن ته گيس جي پيداوار 240 کان 260 ڪيوبڪ فٽ روزانو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. جنهن سان عراق جي توانائي جي شعبي کي گيس جي فراهمي ۾ وڌيڪ استحڪام ملندو.











