پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع پاران 5 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ڊاڪٽر سجاد علي چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي

بدين۔05 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع پاران 5 جولاءِ 1977ع جي ڪاري ڏينهن کي 49 سال مڪمل ٿيڻ تي پيپلزپارٽي ضلع بدين جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سجاد علي چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ پارٽي اڳواڻن، عهديدارن، ڪارڪنن ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ هٿن ۾ ڪارا جهنڊا کڻي آمريت خلاف نعري بازي ڪئي ريلي …

بدين۔05 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع پاران 5 جولاءِ 1977ع جي ڪاري ڏينهن کي 49 سال مڪمل ٿيڻ تي پيپلزپارٽي ضلع بدين جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سجاد علي چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ پارٽي اڳواڻن، عهديدارن، ڪارڪنن ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ هٿن ۾ ڪارا جهنڊا کڻي آمريت خلاف نعري بازي ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع بدين جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سجاد علي چانڊيو چيو ته 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، جڏهن عوام جي مينڊيٽ، آئين ۽ پارلياماني جمهوريت تي وار ڪري ملڪ جي پهرين چونڊيل عوامي حڪومت کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪيو ويو ۽ ملڪ کي آمريت جي اونداهين ۾ ڌڪيو ويو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم قومي اڳواڻ هو، جنهن عوامي خدمت، قومي خودمختياري ۽ ترقي پسند سياست کي هٿي ڏني. آمريت اهو سمجهيو ته اها عوام جي آواز کي دٻائي ڇڏيندي، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ بيشمار جمهوريت پسند ڪارڪنن جي قربانين ثابت ڪري ڇڏيو ته حق، جمهوريت ۽ عوامي حاڪميت کي ڪڏهن به شڪست نٿي ڏئي سگهجي ڊاڪٽر سجاد علي چانڊيو چيو ته اڄ، 49 سال گذرڻ باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي آئين جي بالادستي، ووٽ جي تقدس، پارلياماني جمهوريت ۽ عوام جي حڪمراني جي حق جي تحفظ واري پنهنجي عزم تي قائم آهي. هن چيو ته شهيدن جي قربانين کي حقيقي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته آمريت ۽ غير آئيني قوتن کي هميشه رد ڪندي هڪ مضبوط، متحد، جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير لاءِ جدوجهد جاري رکي وڃي ريلي جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن جمهوريت جي استحڪام، آئين جي سربلندي ۽ جمهوريت جي شهيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي حقن، جمهوري قدرن ۽ آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجي جدوجهد هر حال ۾ جاري رکندي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پيپلزپارٽي تعلقي بدين جي صدر ۽ ضلع ڪائونسل جي وائس چيئرمين فدا حسين منڌرو، ڊپٽي سيڪريٽري انفارميشن حاجي مير ملاح، ليڊيز ونگ جي صدر ساجده ٽالپر، انفارميشن سيڪريٽري ماتلي سليم يوسف اڍيجو، جنرل سيڪريٽري تعلقا گولارچي محمد سمون، رئيس عبدالغفور نظاماڻي، حاجي عبدالغفور ميمڻ، اقليتي اڳواڻ جيوت رام، حاجياڻي کوسو، فنانس سيڪريٽري خان صاحب جمالي، وفا لطيف جوکيو، امير حسن کوسو، ڊاڪٽر عبدالعزيز خاصخيلي، احسان جمالي، عبدالڪريم عرف گڊو اڍيجو، معاذ سمون ۽ ٻين پڻ ريلي کي خطاب ڪيو.

مزید خبریں