بدين۔05 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت 28 مستحق شاگردن ۾ في شاگرد 42 هزار رپين سميت ڪل 11 لک 76 هزار رپين جي رقم جا چيڪ ورهايا ويا. چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيمپس ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد طفيل چانڊيو چيو ته يونيورسٽي باصلاحيت ۽ مستحق شاگردن کي اعليٰ تعليم …
سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت 28 مستحق شاگردن ۾ چيڪ ورهايا ويا

مزید خبریں
بدين۔05 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت 28 مستحق شاگردن ۾ في شاگرد 42 هزار رپين سميت ڪل 11 لک 76 هزار رپين جي رقم جا چيڪ ورهايا ويا. چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيمپس ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد طفيل چانڊيو چيو ته يونيورسٽي باصلاحيت ۽ مستحق شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهي آهي، جيئن مالي مشڪلاتون سندن تعليمي سفر ۾ رڪاوٽ نه بڻجن. هن شاگردن تي زور ڏنو ته هو اسڪالرشپ جي رقم ذميواري سان پنهنجي تعليمي ضرورتن تي خرچ ڪن ۽ مڪمل محنت سان تعليم جاري رکن. هن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ پروگرام خاص طور تي پٺتي پيل علائقن جي مستحق شاگردن لاءِ انتهائي لاڀائتو ثابت ٿي رهيو آهي. تقريب جو انتظام اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس (SFAO) جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عظيم اختر ڀٽي ڪيو، جڏهن ته تقريب ۾ استادن، آفيسرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










