لاڙڪاڻو ۾ شاهي بازار ۽ جيلس بازار جي صفائي کي فوري طور يقيني بڻايو وڃي ۽ عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائي وڃي: ڊي سي لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو-05 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو شاهي بازار ۽ جيلس بازار لاڙڪاڻو ۾ صفائي جي صورتحال بابت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو جو نوٽيس وٺندي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ لاڙڪاڻو ۽ ٽائون ميونسپل ڪمشنر، ٽائون ميونسپل ڪميٽي دڙي کي هدايت ڪئي ته شاهي بازار ۽ جيلس بازار جي صفائي کي فوري طور يقيني …

لاڙڪاڻو-05 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو شاهي بازار ۽ جيلس بازار لاڙڪاڻو ۾ صفائي جي صورتحال بابت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو جو نوٽيس وٺندي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ لاڙڪاڻو ۽ ٽائون ميونسپل ڪمشنر، ٽائون ميونسپل ڪميٽي دڙي کي هدايت ڪئي ته شاهي بازار ۽ جيلس بازار جي صفائي کي فوري طور يقيني بڻايو وڃي ۽ عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. ڊي سي جي هدايتن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ لاڙڪاڻو پنهنجي ٽيم کي ڄاڻايل بازارن جي صفائي لاءِ موڪليو. ٽيم صفائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ عملدرآمد جي حوالي سان رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ جمع ڪرائي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ لاڙڪاڻو ۽ سڀني ٽائون ميونسپل ڪمشنرن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي پنهنجي حدن ۾ صفائي جي انتظامن کي بهتر بڻائين ۽ روزاني بنيادن تي عملدرآمد رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ جمع ڪرائين.

مزید خبریں