ايران جي اڳوڻي رهبر اعليٰ سيد علي خامنه اي شهيد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

تهران - 05 جولاءِ (اي پي پي)ايران جي اڳوڻي رهبر اعليٰ سيد علي خامنه اي شهيد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سندس جنازي نماز تهران جي وڏي مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز امام خميني مصلي ۾ مقامي وقت موجب آچر تي صبح جو 8 بجي ادا ڪئي وئي. جنازي نماز بزرگ ديني عالم آيت الله جعفر سبحاني تبريزي پڙهائي. ايراني حڪومت جا اعليٰ عهديدار اڳين صف ۾ …

تهران – 05 جولاءِ (اي پي پي)ايران جي اڳوڻي رهبر اعليٰ سيد علي خامنه اي شهيد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سندس جنازي نماز تهران جي وڏي مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز امام خميني مصلي ۾ مقامي وقت موجب آچر تي صبح جو 8 بجي ادا ڪئي وئي. جنازي نماز بزرگ ديني عالم آيت الله جعفر سبحاني تبريزي پڙهائي. ايراني حڪومت جا اعليٰ عهديدار اڳين صف ۾ موجود هئا. سڀ کان اڳ سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ان کان پوءِ سيد علي جي خاندان مان سيده بشريٰ حسيني خامنه اي، شهيد مصباح الهدي باقري ۽ شهيد زهرا حداد عادل جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ پوءِ وري سيد علي خامنه اي جي ڏوهٽي زهرا محمد گلپائگاني جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز کان پوءِ تقريب جا انتظام ڪندڙن  اڳوڻي ايراني رهبر اعليٰ سيد علي خامنه اي شهيد جي رت جو بدلو وٺڻ ۽ انتقام جا نعرا لڳايا. 

مزید خبریں