دمشق - 05 جولاءِ (اي پي پي)شام جي صدر احمد الشرع آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي آمريڪا جي آزادي جي 250هين سالگره جي موقعي تي مبارڪون ڏيندي گڏيل احترام ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب احمد الشرع سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي آفيشل اڪائونٽ ذريعي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته نئين شام گڏيل احترام ۽ …
شام جي صدر احمد الشرع پاران صدر ٽرمپ کي يوم آزادي تي مبارڪون، لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي دعوت

مزید خبریں
دمشق – 05 جولاءِ (اي پي پي)شام جي صدر احمد الشرع آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي آمريڪا جي آزادي جي 250هين سالگره جي موقعي تي مبارڪون ڏيندي گڏيل احترام ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب احمد الشرع سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي آفيشل اڪائونٽ ذريعي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته نئين شام گڏيل احترام ۽ نتيجا ڏيندڙ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي، ته جيئن اسان ٻنهي جي عوام جي امنگن جي خدمت ڪندڙ ۽ خطي ۽ دنيا جي سلامتي ۽ امن ۾ ڪردار ادا ڪندڙ استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي وٺائي سگهجي. رپورٽ مطابق اهو پيغام ان وقت سامهون آيو جڏهن شام ۾ ٿيندڙ سياسي تبديلين کان پوءِ دمشق ۽ واشنگٽن وچ ۾ لاڳاپن ۾ آهستي آهستي سفارتي اڳڀرائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جنهن تحت ٻنهي طرفن وچ ۾ رابطن جا ذريعا کولڻ ۽ گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي، عالمي معاملن تي بحث ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.











