چين ۽ روس جون گڏيل سامونڊي مشقون هلندڙ مهيني شروع ٿينديون

بيجنگ - 05 جولاءِ (اي پي پي) چين ۽ روس جي سامونڊي فوج هلندڙ مهيني اوڀر چين جي صوبي شينڊونگ جي سامونڊي شهر چنگ ڊا ويجهو سامونڊي ۽ هوائي حدن ۾ جوائنٽ سي 2026ع جي نالي سان گڏيل سامونڊي مشقون ڪنديون. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي دفاع واري وزارت آچر تي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته گڏيل مشقن جي پڄاڻي تي ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج جا ڪجهه جٿا ماٺي …

بيجنگ – 05 جولاءِ (اي پي پي) چين ۽ روس جي سامونڊي فوج هلندڙ مهيني اوڀر چين جي صوبي شينڊونگ جي سامونڊي شهر چنگ ڊا ويجهو سامونڊي ۽ هوائي حدن ۾ جوائنٽ سي 2026ع جي نالي سان گڏيل سامونڊي مشقون ڪنديون. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي دفاع واري وزارت آچر تي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته گڏيل مشقن جي پڄاڻي تي ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج جا ڪجهه جٿا ماٺي سمنڊ جي لاڳاپيل علائقن ۾ گڏيل سامونڊي گشت به ڪندا. دفاع واري وزارت موجب اهي مشقون ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج وچ ۾ سالياني تعاون جي منصوبي جو حصو آهن، جن جو مقصد گڏيل طور تي سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.

مزید خبریں