ڪانگو ۾ ايبولا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 500 جي ويجهو پهچي ويو

ڪنشاسا - 05 جولاءِ (اي پي پي) جمهوريه ڪانگو ۾ ايبولا وائرس جي تازي وبا مسلسل پکڙجي رهي آهي جتي هن وقت تائين 1528 تصديق ٿيل ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جڏهن ته فوت ٿي ويلن جو تعداد وڌي 492 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊي آرڪانگو جي صحت کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب هن وقت تائين 239  مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 628 تصديق ٿيل …

ڪنشاسا – 05 جولاءِ (اي پي پي) جمهوريه ڪانگو ۾ ايبولا وائرس جي تازي وبا مسلسل پکڙجي رهي آهي جتي هن وقت تائين 1528 تصديق ٿيل ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جڏهن ته فوت ٿي ويلن جو تعداد وڌي 492 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊي آرڪانگو جي صحت کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب هن وقت تائين 239  مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 628 تصديق ٿيل مريض هن وقت آئيسوليشن يا  اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، ان کان علاوه 185  شڪي ڪيسن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي. ته هفتيوار بنياد تي تصديق ٿيل ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ 2 هفتن دوران 300  کان وڌيڪ ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا جيڪو اڃا تائين بلند ترين تعداد آهي.  اها صورتحال ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته وائرس جي مقامي سطح تي منتقلي بدستور جاري آهي. ٻئي پاسي صحت واري عالمي اداري ٻڌايو ته ڊي آر ڪانگو ۾ هڪ ڪلينيڪل آزمائش جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن ۾ بنڊي بگيو وائرس سبب پيدا ٿيل ايبولا جي امڪاني علاج جو جائزو ورتو پيو وڃي. ان وائرس خلاف في الحال نه ڪا منظور ٿيل ويڪسين موجود آهي ۽ نه ئي ڪو مخصوص علاج دستياب آهي.

مزید خبریں