سعودي عرب ۾ اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙي تي وڌيڪ 15 هزار 591  غيرقانوني پناهگير گرفتار

رياض - 05 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي  تي وڌيڪ 15 هزار 591  غيرقانوني پناهگيرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي اختيارين هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ بارڊر سيڪيورٽي جون وڌيڪ 15 هزار 591  ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون، جڏهن ته 12 هزار 292  غيرقانوني پناهگيرن کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. ميڊيا موجب 25 جون کان پهرين جولاءِ …

رياض – 05 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي  تي وڌيڪ 15 هزار 591  غيرقانوني پناهگيرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي اختيارين هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ بارڊر سيڪيورٽي جون وڌيڪ 15 هزار 591  ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون، جڏهن ته 12 هزار 292  غيرقانوني پناهگيرن کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. ميڊيا موجب 25 جون کان پهرين جولاءِ 2026ع تائين جي وچ ۾ مجموعي طور تي 7 هزار 759  ماڻهن کي اقامه قانون، 4 هزار 488 کي غيرقانوني سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ 3 هزار 344  کي پورهئي واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو. غيرقانوني طور سعودي عرب ۾ د اخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 629  ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو انهن ۾  53 سيڪڙو ايٿوپين، 46 سيڪڙو يمني ۽ هڪ سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ آهن. ان کان علاوه 58 اهڙن ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي سرحد پار ڪري سعودي عرب مان پاڙيسري ملڪن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.  جڏهن ته روزگار، رهائش ۽ پناهه ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ملوث 17 ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں