پاڪستان ۽ ترڪيه پاران گڏيل واپار جو ڳاڻيٽو 5 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جي عزم جو اظهار: وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي صدر سان گڏيل پريس ڪانفرنس

استنبول - 04 جولاءِ اي پي پي)  پاڪستان ۽ ترڪيه گڏيل واپار جو ڳاڻيٽو 5 ارب ڊالرن تائين وڌائن جي عزم جو اظهار ڪندي ٻه طرفي واپار، اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه کي هڪ جان ۽ ٻه دليون قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هميشه هر مشڪل ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ …

استنبول – 04 جولاءِ اي پي پي)  پاڪستان ۽ ترڪيه گڏيل واپار جو ڳاڻيٽو 5 ارب ڊالرن تائين وڌائن جي عزم جو اظهار ڪندي ٻه طرفي واپار، اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه کي هڪ جان ۽ ٻه دليون قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هميشه هر مشڪل ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، جڏهن ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان عالمي امن لاءِ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته پوري دنيا ان سان سک جو ساهه کنيو.  ترڪيه امن ۽ خوشحالي لاءِ ڪوششن جي حمايت هميشه جاري رکندو، ڇنڇر تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هو شاندار استقبال ۽ ڀرپور ميزباني تي صدر رجب طيب جو ٿورو مڃي ٿو، هن استنبول کي خوبصورت شهر ۽ اوڀر اولهه جو حسين ميلاپ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جو عوام هڪٻئي سان گهري محبت ۽ وابستگي رکي ٿو. ٻنهي وچ ۾ دلي رشتو آهي. هن ياد ڏياريو ته ترڪيه جي آزادي واري جنگ ۾ برصغير جي مسلمانن ڀرپور حمايت ڪئي ۽ مائرن، ڀينرن پنهنجا زيوار عطيو ڪيا. هي منفرد تعلق گڏيل عقيدي، ثقافت، تاريخي، گڏيل اخوت ۽ قربانين جي بنياد تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا هڪ شاندار تاريخ آهن. ٻنهي ملڪن هميشه هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو، جنگ هجي يا زلزلو، قدرتي آفتون هجن يا ٻوڏ ترڪيه هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو. مظفر ڳڙهه ۽ ٻوڏ متاثر ٻين علائقن ۾ ترڪيه جي مدد تاريخ جو حصو آهي. ترڪ صدر رجب طيب پاڻ پنهنجي گهر واري سان گڏ ٻوڏ متاثر مظفر ڳڙهه آيو ۽ ترڪ صدر جي گهر واري پنهنجي ڳچيءَ جي هار تائين متاثرن لاءِ عطيو ڪيو، سندس ان عمل پاڪستان جي عوام جون دليون کٽي ورتيون، وزيراعظم قدرتي آفتن سبب متاثر علائقن ۾ جديد اسپتال ۽ اسڪولز قائم ڪرڻ، سماجي، معاشي ترقي لاءِ ترڪيه جي تعاون تي ٿورو مڃيو. وزيراعظم چيو ته اسان فخر ڪيون ٿا ته ترڪيه ۽ پاڪستان هڪ جان  ٻه دليون  آهن. مولانا جلال الدين رومي ۽ علامه اقبال جو فڪر اسان جي رهنمائي ڪن ٿا. وزيراعظم صدر اردگان جي قيادت ۾ ترڪيه جي سمورن شعبن ۾ بي مثال ترقي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي ترڪيه سان پنهنجي دوستي تي فخر آهي. هن ٻڌايو ته بي ٽو بي فورم ۾ ترڪيه جي ڪاروباري شخصيتن سان اهم ويهڪ ٿي.  صدر طيب سان جامع ۽ تعميري ڳالهيون ٿيون، اسان خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ۾ واڌ تي ڳالهايو. وزيراعظم چيو ته اسان ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو 5 ارب ڊالرن جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن عالمي ۽ علائقائي تڪرارن تي ٻنهي ملڪن جي گڏيل موقف ۽ تعاون جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان قبرص جي مسئلي تي ترڪيه جي موقف جي حمايت ڪري ٿو. هن ڪشمير مسئلي تي چٽو موقف رکڻ تي ترڪيه جو ٿورو مڃيو، وزيراعظم ٻه طرفو تعاون وڌائڻ لاءِ ڳالهين جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪاميابي ترڪيه جي ڪاميابي ۽ ترڪيه جي ترقي، پاڪستان جي ترقي آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ ترڪيه جي حصيداري کي نئون رخ ڏينداسين. ان کان اڳ  ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ان جي وفد کي ڀليڪار چوي ٿو. هن بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون. هن چيو ته اسان ملاقات ۾ ٻه طرفه علائقائي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسلام آباد امن مفاهمتي يادداشت سان پوري دنيا سک جو ساهه کنيو آهي. هن ان سلسلي ۾ ڪوششن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني قوم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته ترڪيه به ان لاءِ پنهنجا تعاون فراهم ڪيو. ۽ خطي ۾ امن ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ترڪيه پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان هميشه هڪبئي سان گڏ بيٺل رهنداسين، امن ۽ خوشحالي لاءِ ڪوششن جي حمايت جاري رکنداسين. هن امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو. ترڪ صدر چيو ته اسرائيلي انتظاميه امن کي نقصان پهچائڻ لاءِ چڙ ڏياريندڙ ڪارروائيون ڪري رهي آهي، پنهنجي سياسي بقاءَ لاءِ ڇڪتاڻ کي  هوا ڏئي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته اسان واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي تعاون ۾ واڌ بابت ڳالهيون ڪيون، خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان لاڳاپيل وزارتون ويجها رابطا جاري رکنديون. هن چيو ته گڏيل واپار جو ڳاڻيٽو 5 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. هن دفاعي تعاون، توانائي، آءِ ٽي، ٽرانسپورٽيشن ۽ منرلز سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون وڌائڻ ۾ ترڪيه جي دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.