استنبول - 04 جولاءِ اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي توانائي، پاڻي وسيلن، زراعت، خصوصي اقتصادي زونز، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل اعتماد، احترام ۽ وقار تي ٻڌل دوستي کي موثر اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪيو ويندو. ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو …
وزيراعظم جي ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت، ٻنهي ملڪن جي گڏيل اعتماد، احترام ۽ وقار تي ٻڌل دوستي کي موثر اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪيو ويندو: شهباز شريف

مزید خبریں
استنبول – 04 جولاءِ اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي توانائي، پاڻي وسيلن، زراعت، خصوصي اقتصادي زونز، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل اعتماد، احترام ۽ وقار تي ٻڌل دوستي کي موثر اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪيو ويندو. ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ڀارت طرفان مڙهيل جنگ ۾ ترڪيه سميت دوست ملڪن جي حمايت هميشه ياد رهندي، پاڪستان جي موثر سفارتي ڪردار ۽ دوست ملڪن جي حمايت سان خطي ۾ امن قائم ٿيو آهي. هاڻي ضروري آهي ته ان موقعي مان ڀرپور فائدو کڻو، ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهيا آهن. علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جو انتهائي تعميري ڪردار آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آٽوموبائيل، زرعي، صنعت، فوڊ پروسيسنگ، طبي اوزارن، تجديد جوڳي توانائي، صحت، گرين ٽيڪنالاجيز، آءِ ٽي، اي ڪامرس، تعليم، سياحت، شپ بلڊنگ، دفاعي صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي وڏي گنجائش آهي. هن اهڙو اظهار هتي پاڪستان ترڪيه بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته استنبول اچڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، استنبول جو خوبصورت شهر ايشيا ۽ يورپ کي ملائي ٿو، ترڪيه پاڪستان جو مضبوط ۽ مخلص اتحادي آهي. هن منفرد ۽ تاريخي تعلق جو بنياد ترڪيه جي آزادي واري جنگ دوران رکيو ويو هو، ترڪيه جي آزادي واري جنگ ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن، علي برادران جي قيادت ۾ ترڪيه جي عوام جو ڀرپور ساٿ ڏنو، ان وقت شايد اهو خيال به نه پئي ڪيو ويو ته هڪ وقت اهڙو به ايندو جڏهن ترڪيه جي اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي دوستاڻي حمايت، محبت، جنگ، زلزلن ۽ ٻوڏ ۾ اسان جي تصور کان به وڌي ويندي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لازوال رشتي جي هڪ تاريخ آهي، هن چيو ته ڪانفرنس ۾ تمام سٺي پرزنٽيشن ڏني وئي، پر هاڻي اسان کي ٻنهي ملڪن ۽ ان جي عوام جي مفادن ۾ عملي قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ادا رجب طيب اردگان جي ڀرپور حمايت سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪيو، هي ڏکيو سفارتي مشن هرگز آسان نه هو. صدر طيب اردگان ۽ ٻين ڀائر ۽ دوست ملڪن جي خلوص ڀرئي تعاون کان سواءِ مشن ممڪن نه پئي ٿي سگهيو. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي عمل ۾ اسان نيڪ نيتي سان ڪوششون ڪيون. الحمدلله جنگ بندي ٿي چڪي آهي ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صدر ٽرمپ ۽ صدر مسعود پزشڪيان ۽ منهنجون ٽياڪڙ طور صحيحيون ٿي چڪيون آهن. هي امن عمل نه رڳو اسان لاءِ پر ٻه طرفي طور پوري خطي لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو، هاڻي ضروري آهي ته امن جي موقعي مان ڀرپور فائدو کڻو. وزيراعظم چيو ته ترڪيه صدر طيب جي بصيرت انگيز قيادت ۾ صنعتي ۽ ٻين شعبن م شاندار ترقي ڪئي آهي ترڪيه جي ترقي جو منظرنامو مڪمل طور تبديل ٿي چڪو آهي، ترڪيه آٽوموبائيل انڊسٽري يورپ جو مقابلو ڪري رهي آهي، ٽيڪسٽائيل، لائيو اسٽاڪ ۽ زرعي شعبي به ڀرپور ترقي ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ترڪيه جي ترقي جي تجربي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، اسان بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاري ڪرڻ چاهيون ٿا، لائين لاسز ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ڪوششن ۾ آهيون. هن چيو ته ڪراچي ۾ خصوصي اقتصادي زونز پورٽ قاسم کان صرف 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب خصوصي اقتصادي زون جي نالي سان ترڪيه جي سيڙپڪارن لاءِ هڪ هزار ايڪڙ ايراضي رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ به سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش موجود آهي. الله تعاليٰ پاڪستان کي معدني وسيلن جي دولت سان مالا مال ڪري رکيو آهي، گڏيل تعاون سان انهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙي طرح انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين شعبن ۾ به سيڙپڪاري وڌائي سگهجي ٿي. نون امڪانن کي ٻه طرفي تعاون ۽ علائقائي خوشحالي لاءِ استعمال ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي 24 ڪروڙ آبادي ۾ 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي. چين جي چوڻي آهي ته هر چئلينج جو موقعو موجود آهي. نوجوان اسان لاءِ هڪ چئلينج پر هڪ عظيم موقعو پڻ آهن. پاڪستان جي هن عظيم اثاثي کي اقتصادي فائدن ۽ سماجي اقتصاي ترقي ۾ تبديل ڪيون. ان سلسلي ۾ آءِ ٽي ۽ اي آءِ انتهائي اهميت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته بجلي جو شعبو به پاڪستان لاءِ هڪ ٻيو وڏو چئلينج آهي، اسان خساري جي شڪار هن شعبي کي سيڙپڪاري ذريعي لاڀائتي شعبي ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. ترڪ سيڙپڪارن کي سولر، ونڊ ملز ۽ پاڻي ذخيرن جي منصوبن ۾ به سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. ڊسڪوز جي نجڪاري ۽ ٽرانسميشن سسٽم جي بهتري لاءِ ترڪيه جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، توانائي ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، وقت سان گڏوگڏ بزنس ٽو بزنس تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. وزيراعظم چيو ته صدر طيب ۽ ان جي ڪابينه جا ميمبر ۽ ڪاروباري شخصيتون پاڪستان جي مدد ڪرڻ چاهين ٿيون، اسان پراميد آهيون ته هن شعبي ۾ بي ٽو بي سطح تي تعاون کي هٿي ڏينداسين پر ترڪيه جي قيادت ان ڳالهه سان وڏو حوصلو مليو آهي ته جيڪڏهن ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ ٿي ته پوءِ جي ٽو جي سطح تي تعاون کي وڌائينداسين ۽ هي آهي پاڪستان ۽ ترڪيه جي دوستي، هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي عزم جو اظهار. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هميشه هڪ بئي جو ساٿ ڏنو آهي. گذريل سال پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي، اسان جي بهادر هٿياربند فوج فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻي ۾ 4 کان 5 ڏينهن ۾ دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني ۽ اسان پنهنجي خودمختياري ۽ وقار جو ڀرپور دفاع ڪيو. ان وقت ترڪيه، سعودي عرب سميت دوست ملڪن پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. ترڪيه جبل وانگر پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو، ان ڪري ترڪيه جو ڪاروباري نقصان پڻ ٿيو، پر هن ان جي پرواهه نه ڪئي. ترڪيه صدر طيب جي اڳواڻي ۾ غيرمعمولي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل اعتماد، احترام ۽ وقار تي ٻڌل دوستي کي موثر اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ ڪا به رڪاوٽ اسان آڏو اچي نه سگهندي. ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد جي ميمبرن کي ڪانفرنس ۾ ڀليڪار چئون ٿا، اسان هتي تعاون جي هڪ نئين دوست لاءِ گڏ ٿيا آهيون. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ غير معمولي لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪ هر چئلينج جي گهڙي ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو ۽ پنهنجي مضبوط لاڳاپن کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته پاڪستان نه رڳو ڏکڻ ايشيا جو اهم ملڪ آهي پر علائقائي ۽ عالمي معاملن ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ به ان جو انتهائي تعميري ڪردار آهي. پاڪستان تعميري سفارتڪاري ذريعي وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي عمل ۾ ٽياڪڙ طور تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. امن لاءِ بهترين ڪردار تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورائتا آهيون، عالمي سطح تي ٿيل تبديلين، معاشي شعبي تي به اثر وڌا آهن. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل، اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ انتهائي اهم فورم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه صدر رجب طيب ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ واڌ ڪري رهيا آهن. واپاري ڳاڻيٽو 5 ارب ڊالرن تائين وڌائن اسان جو هدف آهي پر ان کي وڌيڪ وڌائڻو پوندو. هن چيو ته ترڪيه جي پاڪستان ۾ سڌي ريت سيڙپڪاري 2 ارب ڊالرن کان وڌي وئي آهي. آٽوموبيل، زرعي صنعت، فوڊ پروسيسنگ، طبي اوزار، تجديد جوڳي توانائي، گرين صحت ٽيڪنالاجيز، آءِ ٽي، اي ڪامرس، تعليم، سياحت، شپ بلڊنگ، دفاعي صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان جي وزيرن تمام سٺي پريزنٽيشن ڏني آهي، اسان ڀائراڻا لاڳاپن کي معاشي شعبي جي ترقي لاءِ ڪتب آڻينداسين، ڪاروباري موقعا ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ تمام اهم آهي، ڪراچي انڊسٽريل پارڪ انتهائي اهميت رکي ٿو جنهن ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي سيڙپڪاري لاءِ جڳهه رکي وئي آهي. هن چيو ته گڏيل سيڙپڪاري منصوبن لاءِ موقعا تلاش ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي دوستي انتهائي مضبوط بنيادن تي قائم آهي هاڻي اها دوستي واپار، لاجسٽڪس ڪوريڊور، ٽيڪنالاجي پروڊڪشن، روانگي واپار پليٽ فارمز، گڏيل منصوبن ۽ سيڙپاڪري جي شعبن ۾ به نظر اچڻ گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا مثالي لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن هميشه هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. امن، سيڪيورٽي ۽ انساني همدردي سميت هر شعبي ۾ هڪ ٻئي سان گڏ ٻئي ملڪ بيٺل رهيا آهن. پنهنجي غير معمولي ڀائراڻن ۽ سياسي لاڳاپن کي معاشي شراڪتداري ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام وچ ۾ اعتماد جو رشتو اسان جو اثاثو آهي. بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ معاشي تعاون جا نوان رخ به تبديل ٿيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه جي جاگرافيائي بيهڪ انتهائي اهميت رکي ٿي. پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ کي عوام جي معاشي فائدن لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو. اقتصادي سفارتڪاري اڄ دنيا ۾ انتهائي اهميت اختيار ڪري وئي آهي، بدليل عالمي صورتحال جي روشني ۾ معاشي حصيداري کي هٿي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته موجوده دور جي سفارتڪاري ۾ معيشت انتهائي اهم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان اقتصادي سڌارن جي جامع ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، جنهن جو مقصد اقتصادي استحڪام حاصل ڪرڻ، سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو، سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ ڪاروباري ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي. اسان توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، بجلي جي بنيادي ڍانچي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، منيوفيڪچرنگ، زراعت، لاجسٽڪس سياحت، دفاعي صنعت جهڙن اهم شعبن ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. انهن شعبن ۾ شاندار موقعا موجود آهن. هن چيو ته اسان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي، اڄ دنيا تبديل ٿي رهي آهي، نوان اتحاد بڻجي رهيا آهن ۽ واپاري معاهدا ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه پنهنجي دوستي کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ خوشحالي، جدت ۽ علائقائي استحڪام ۾ به هڪ ٻئي جا مددگار ٿابت ٿيندا. وفاقي وزير اويس احمد خان لعاري چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي رسد جي نظام ۾ بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان ۾ ٽرانسميشن لائينز وڇائڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. رسد جي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن تي ڪم ٿي رهيو آهي. بجلي جي نظام ۾ بهتري آڻي، نقصان ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا موجود آهن. ملڪ ۾ گئس جي کوٽ سبب اسان کي هر سال پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ايل اين جي درآمد ڪرڻي پوي ٿي، ملڪ ۾ گئس ۽ تيل جي طلب ملڪي پيداوار کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. معيشت جي ترقي سان گڏوگڏ توانائي جي ضرورتن ۾ به واڌ ٿي رهي آهي. تيل ۽ گئس، کاڻين ۽ معدنيات جي شعبي ۾ ترڪيه جي ڪاروباري ماڻهن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان ۾ 26 هزار آءِ ٽي ٽيڪنالاجي ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، پاڪستان ۾ فري لانسرز جو انگ تمام وڏو آهي، وزيراعظم ڪيش ليس معيشت ۽ اي گورننس کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڀرپور دلچسپي وًي رهيو آهي، نجڪاري بابت مشير محمد علي چيو ته پاڪستان جي معيشت مستحڪم آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا گذريل 3 سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيا آهن. ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي. اسان خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري وڌائي رهيا آهيون. ريگيوليٽر کي مضبوط بڻائي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ 9 ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون آهن جن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت به مختلف منصوبا آهن جن ۾ سکر حيدرآباد موٽر وي جا 57 ۽ 64 ڪلوميٽر جا 2 سيڪشن آهن. ٻيو ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ 68 ڪلوميٽر منصوبو آهي. سکر کان حيدرآباد ۽ ڪراچي کان حيدرآباد موٽر وي کي بي ٽو بي بنياد تي بڻايو ويندو. اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور جا هوائي اڏا نجي شعبي کي ڏنا پيا وڃن. ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڪاروباري شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ هي ڪانفرنس انتهائي اهميت واري آهي. ترڪيه جي واپار واري وزير عمر بولات چيو ته پاڪستان ترڪيه جو برادر ملڪ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه ٻه ملڪ ۽ هڪ قوم آهن. بنهي ملڪن وچ ۾ قيادت ۽ عوام جي سطح تي انتهائي ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته اسان جو ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو هڪ ارب 20 کان 30 ڪروڙ ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهي ان ۾ اضافي جي وڌيڪ گنجائش آهي، مختلف شعبن ۾ اسان پنهنجي تعاون کي هٿي ڏينداسين. پاسڪتان تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ اسان ٻه طرفن لاڳاپن کي معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪنداسين.











