قومي اسيمبلي جي اسپيڪر گهوٽڪي جي رهواسي جو پاڻ کي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو ملازم ظاهر ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد - 04 جولاءِ اي پي پي)  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي نالي سان جاري ڪيل جعلي مقرري/ آفر ليٽر ۽ ان  ذريعي قومي اسيمبلي جي سرڪاري حيثيت کي مبينه غلط استعمال جي معاملي جو نوٽيس ورتو. ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي علم ۾ آيو ته گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ عبدالواجد نالي شخص مبينه …

اسلام آباد – 04 جولاءِ اي پي پي)  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي نالي سان جاري ڪيل جعلي مقرري/ آفر ليٽر ۽ ان  ذريعي قومي اسيمبلي جي سرڪاري حيثيت کي مبينه غلط استعمال جي معاملي جو نوٽيس ورتو. ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي علم ۾ آيو ته گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ عبدالواجد نالي شخص مبينه طور تي پاڻ کي قومي اسيمبلي ۾ گريڊ 17  جو ملازم ظاهر ڪندي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي نالي سان منسوب جعلي مقرري نامو، جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي جعلي صحيحي  به ٿيل هئي کي استعمال ڪري رهيو آهي. اطلاعن موجب ڄاڻايل شخص نه رڳو سرڪاري اهلڪارن ۽ پوليس کي ان جعلي حيثيت ذريعي گمراهه ڪري مبينه طور تي غير قانوني سهولتون ۽ پروٽوڪول حاصل ڪري رهيو هو پر عام شهرين کي مختلف طريقن سان هراسان ڪرڻ ۽ دٻاءَ ۾ رکڻ  ۾ به ملوث رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ عوامي سطح تي بي چيني ۽ ڳڻتي ڏٺي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ واضح ڪيو ته ڄاڻايل شخص عبدالواجد نالي واري ماڻهو سان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو ڪنهن به نوعيت جو ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي ڄاڻايل شخص جي قومي اسيمبلي ۾ ڪنهن به نوڪري يا مقرري بابت ڪو رڪارڊ موجود آهي. ان پاران استعمال ڪيل ليٽر مڪمل طور تي جعلي آهي ۽ ان جو قومي اسيمبلي سان ڪو به قانوني يا سرڪاري تعلق ناهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي هدايت تي وقتي قومي اسيمبلي سيڪريٽريءَ ڊائريڪٽر جنرل فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس آف سنڌ کي باضابطا طور  خط لکيا آهن، جن ۾ جعلي مقرري جي اصل ذريعي جو پتو لڳائڻ، ان جي تياري ۾ ملوث ڌر جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ذميوارن خلاف قانون تحت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي شڪايت تي ايف آءِ اي فوري ڪارروائي ڪندي ڄاڻايل شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار خلاف لاڳاپيل قانون تحت قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جعلي مقرري نامي جي تياري، ان جي اصل ذريعي جو پتو لڳائڻ ۽ ان ڏوهه ۾ ملوث ٻين ڌرين جو تعين ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران اهو به واضح ڪيو پيو وڃي ته قومي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر يا ڪنهن به سرڪاري عهدي جي نالي تي جعلي دستاويز تيار ڪرڻ، جعلي صحيحي استعمال ڪرڻ يا ان جي بنياد تي ڪنهن به قسم جو پروٽوڪول، سهولت يا ٻيا غير قانوني فائدا حاصل ڪرڻ هڪ سنگين ۽ سزا جوڳو ڏوهه آهي. اهڙين ڌرين خلاف بنا فرق جي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ عوام ۽ سمورن سرڪاري ادارن کي اپيل ڪري ٿي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سان واڳيل  ڪنهن به مقرري نامي، آفر ليٽر يا ٻين سرڪاري دستاويزن جي صداقت   يا تصديق لاڳاپيل عملدارن کان ضرور ڪرائين ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي يا جعلي دستاويزن جو فوري اطلاع قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏين ته جيئن رياستي ادارن جو نالو ناجائز طور استعمال ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪري سگهجي.

مزید خبریں