ڪراچي- 04 جولاءِ اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان روٽري انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽر مس جينيفر اسڪاٽ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عوامي ڀلائي، صحت، تعليم، صاف پاڻي، ڪميونٽي ڊولپمينٽ، امن کي هٿي وٺائڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي سوڌو گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته پاڙيسري ملڪ پاران آبي جارحيت نه …
سنڌ جي گورنر سان روٽري انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽر مس جينيفر اسڪاٽ جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 04 جولاءِ اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان روٽري انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽر مس جينيفر اسڪاٽ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عوامي ڀلائي، صحت، تعليم، صاف پاڻي، ڪميونٽي ڊولپمينٽ، امن کي هٿي وٺائڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي سوڌو گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته پاڙيسري ملڪ پاران آبي جارحيت نه فقط علائقائي امن ۽ استحڪام پر عالمي قانونن ۽ معاهدن جي به سراسر ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو هڪ عالمي معاهدو آهي جنهن کي ڪو به ملڪ هڪ طرفي طور معطل يا ختم نه ٿو ڪري سگهي. گورنر چيو ته پاڻي جهڙا بنيادي وسيلا سياسي دٻاءُ يا تڪرار جو ذريعو بنائڻ سڄي خطي جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ سنگين خطرا پيدا ڪري سگهن ٿا. گورنر چيو ته پاڪستان هميشه امن، ڳالهين، گڏيل احترام ۽ پرامن نموني گڏ رهڻ جي پاليسي تي ڪاربند رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم پاڪستان ۽ فيلڊ مارشل جي مدبراڻي قيادت ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي زور وٺائڻ لاءِ کنيل قدمن کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي، جڏهن ته پاڪستان مستقبل ۾ به پائيدار امن، گڏيل خوشحالي ۽ هاڪاري عالمي سهڪار کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجون ذميداراڻيون ڪوششون جاري رکندو. ملاقات دوران روٽري انٽرنيشنل پاران امن، صاف پاڻي، صحت، تعليم، ڪميونٽي ڊولپمينٽ ۽ ڀلائي جي رٿائن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گورنر چيو ته حڪومت ۽ سماجي تنظيمن وچ ۾ اثرائتي شراڪت سان عوامي ڀلائي جي رٿائن جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪري سگهجي ٿو ۽ وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي ان جا ثمر پهچائي سگهجن ٿا. هن روٽري انٽرنيشنل جي امن، تعليم، صحت ۽ عوامي ڀلائي جي شعبن ۾ خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙيون تنظيمون معاشرتي ترقي، سماجي هم آهنگي ۽ انساني خدمت کي هٿي وٺائڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ حڪومت انهن سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندي.











