اسلام آباد - 04 جولاءِ اي پي پي) سامونڊي سڌارن بابت وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. صرف ڏيڍ سال جي مختصر عرصي ۾ سڌاراجاتي عملدرآمد ڪميٽي 99 مان 85 ايڪشن پوائنٽس مڪمل ڪري ورتا آهن. تفصيل موجب وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس تحت سڌارا جاتي عملدرآمد ڪميٽي ڊسمبر 2024ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، سڌارا جاتي عملدرآمد ڪميٽي ۾ بچاءَ واري وزارت، سامونڊي ۽ لاجسٽڪس شعبن سميت …
سامونڊي سڌارن بابت وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون، ڏيڍ سال جي مختصر عرصي ۾ 85 ايڪشن پوائنٽس مڪمل

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 جولاءِ اي پي پي) سامونڊي سڌارن بابت وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. صرف ڏيڍ سال جي مختصر عرصي ۾ سڌاراجاتي عملدرآمد ڪميٽي 99 مان 85 ايڪشن پوائنٽس مڪمل ڪري ورتا آهن. تفصيل موجب وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس تحت سڌارا جاتي عملدرآمد ڪميٽي ڊسمبر 2024ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، سڌارا جاتي عملدرآمد ڪميٽي ۾ بچاءَ واري وزارت، سامونڊي ۽ لاجسٽڪس شعبن سميت اين ايل سي جي ماهرن ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل هئا. ٽاسڪ فورس سامونڊي شعبي ۾ مجموعي طور تي 99 سڌارن جون سفارشون پيش ڪيون هيون، ڪميٽي بندرگاهن جي ماسٽر پلان، جهاز راني، جهاز سازي، شپ ري سائيڪلنگ ۽ ماهيگيري متعلق سڌارن تي عملدرآمد جي شروعات ڪئي. ڏيڍ سال جي مختصر وقت ۾ سڌاراجاتي عملدرآمد ڪميٽي 99 مان 85 ايڪشن پوائنٽس مڪمل ڪيا آهن. ٻين 14 نقطن مان 11 پڄاڻي جي آخري مرحلي ۾ آهن جڏهن ته 3 تي ڊگهي مدي جي حڪمت عملي تحت ڪم جاري آهي.











