پيرس- 04 جولاءِ اي پي پي) فرانس جي صحت کاتي جي عملدارن مطابق جون جي آخري هفتي ۾ رڪارڊ گرمي جي لهر دوران سڄي ملڪ ۾ فوتگين جي شرح ۾ 30 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پبلڪ هيلٿ فرانس طرفان جمعي ڏينهن جاري ڪيل هڪ رپورٽ مطابق 22 جون کان شروع ٿيل هفتي ۾ جڏهن گرمي پنهنجي عروج تي هئي، پيرس ۽ ڀرپاسي ۾ فوتگين جي …
فرانس ۾ شديد گرمي جي لهر، فوتگين ۾ 30 سيڪڙو اضافو

مزید خبریں
پيرس- 04 جولاءِ اي پي پي) فرانس جي صحت کاتي جي عملدارن مطابق جون جي آخري هفتي ۾ رڪارڊ گرمي جي لهر دوران سڄي ملڪ ۾ فوتگين جي شرح ۾ 30 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پبلڪ هيلٿ فرانس طرفان جمعي ڏينهن جاري ڪيل هڪ رپورٽ مطابق 22 جون کان شروع ٿيل هفتي ۾ جڏهن گرمي پنهنجي عروج تي هئي، پيرس ۽ ڀرپاسي ۾ فوتگين جي انگ ۾ 62 سيڪڙو تائين اضافو ڏٺو ويو. اهڙي طرح جو رجحان اولهه خطي پي ڊي لالوار ۾ به سامهون آيو. عملدارن جو چوڻ آهي ته اهي شروعاتي انگ اکر آهن ۽ فوتگين جي مجموعي انگ ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو آهي. ٻئي پاسي گرمي جي ان شديد لهر کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي تي وزيراعظم سيبسٽين ليڪورنو جي حڪومت کي شديد سياسي دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سومر ڏينهن پارليامنٽ ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ جو به امڪان آهي. جون جي مهيني ۾ فرانس جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گرمي پد 40 ڊگري سيلسئس کان وڌي ويو هو، جنهن سبب روزمره جي زندگي مفلوج ٿي وئي هئي. شديد گرمي سبب اسڪولن کي بند ڪرڻو پيو هو جڏهن ته ريل سروس به معطل ٿي وئي هئي. پبلڪ هيلٿ فرانس مطابق گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ فوتگين ۾ 29.1 سيڪڙو جو اضافو ڏٺو ويو جيڪو 2025ع اضافي فوتگين جي برابر آهي. ٻئي پاسي مخالف ڌر پارٽين ۽ اڪثر سياستدانن جو موقف آهي ته حڪومت وڌندڙ عالمي گرمي پد جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي.











