پاڪستان ۾ واپار، صنعت ۽ سيڙپڪاريءَ جا بيشمار موقعا موجود آهن، اسان کي انهن مان فائدو کڻڻ کپي: سنڌ جو گورنر

ڪراچي-03 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته پاڪستان ۾ واپار، صنعت ۽ سيڙپڪاري جا بيشمار موقعا موجود آهن. جيڪڏهن اسين هڪٻئي جي تجربن، مهارت ۽ ڪامياب ڪاروباري ماڊلز مان ڀرپور فائدو کڻون ته ملڪي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ،مستحڪم ۽ ترقي يافته بڻائي سگهجي ٿو. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن انٽرنيشنل بزنس فورم تحت منعقد پاڪستان بزنس ليڊرز سمٽ 2026 کي بطور …

ڪراچي-03 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته پاڪستان ۾ واپار، صنعت ۽ سيڙپڪاري جا بيشمار موقعا موجود آهن. جيڪڏهن اسين هڪٻئي جي تجربن، مهارت ۽ ڪامياب ڪاروباري ماڊلز مان ڀرپور فائدو کڻون ته ملڪي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ،مستحڪم ۽ ترقي يافته بڻائي سگهجي ٿو. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن انٽرنيشنل بزنس فورم تحت منعقد پاڪستان بزنس ليڊرز سمٽ 2026 کي بطور خاص مهمان خطاب ڪندي چئي. گورنر چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ۾ ڪاروباري برادري جو ڪردار نهايت اهم ۽ قدر جوڳو آهي. واپاري ۽ صنعتڪار نه فقط معيشت جو ڦيٿو روان رکن ٿا پر روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ، سيڙپڪاري کي زور وٺائڻ ۽ قومي خوشحالي ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته ايمانداري ،ديانتداري ،حق گوئي ۽ ڪاروباري معاملن ۾ شفافيت سان ڪم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. مضبوط ڪاروباري اخلاقيات سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڪري ٿي ۽ پائيدار معاشي ترقي جو مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿي. گورنر چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون واپارين، صنعتڪارن ۽ مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ته جئين سيڙپڪاري کي وڌيڪ هٿي ملي، صنعتي شعبو ترقي ڪري ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿين. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن، ان لاءِ کين انٽر پرينيورشپ، اسٽارٽ اپس ۽ جديد ڪاروباري مهارتن کي زور وٺائڻ لاءِ معاونت ،رهنمائي ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي. گورنر سنڌ انٽرنيشنل بزنس فورم جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪندي چيو ته فورمز حڪومت، خانگي شعبي ۽ سيڙپڪارن وچ ۾ رابطن کي مستحڪم بنائڻ، نئين سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملڪي معيشت کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان موقعي تي سڄي ملڪ مان ناليوارن صنعتڪارن ،واپارين ،ڪاروباري شخصيتن ،سيڙپڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين انٽرنيشنل بزنس فورم علي عرش خان چيو ته فورم جو هڪ اعليَ سطحي وفد جلد آمريڪا جو دورو ڪندو ،جتي پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن کي اثرائتي نموني اجاڳر ڪيو ويندو، پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي ۽ پاڪستاني مصنوعات لاءِ نيون عالمي منڊيون ڳوليون وينديون.