وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ مسافر بس جي المناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

ڪراچي-03 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ مسافر بس جي المناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته ژوب بس حادثي ۾ قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ تي کيس دلي صدمو پهتو آهي ۽ هو فوتين جي وارثن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي.هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ …

ڪراچي-03 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ مسافر بس جي المناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته ژوب بس حادثي ۾ قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ تي کيس دلي صدمو پهتو آهي ۽ هو فوتين جي وارثن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي.هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي، وارثن کي صبرِ جميل عطا ڪري ۽ حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي جلد مڪمل صحتيابي نصيب فرمائي.سيد مراد علي شاهه چيو ته هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ملڪ کي اهڙن المناڪ حادثن کان محفوظ رکي.