ڪراچي-03 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان وفاقي وزير ۽ ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين رانا محمد قاسم نون سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جي ھاڻوڪي صورتحال، ڪشمير مسئلي، قومي يڪجھتي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين اھم معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لڳاتار ڀڃڪڙين ۽ معصوم ڪشميري …
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان وفاقي وزير ۽ ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين رانا محمد قاسم نون جي سندس آفيس ۾ ملاقات
ڪراچي-03 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان وفاقي وزير ۽ ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين رانا محمد قاسم نون سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جي ھاڻوڪي صورتحال، ڪشمير مسئلي، قومي يڪجھتي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين اھم معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لڳاتار ڀڃڪڙين ۽ معصوم ڪشميري عوام تي جاري ڀارتي ظلمن جي شديد مذمت ڪئي وئي. سينيئر وزير جي ترجمان موجب ملاقات ۾ اُن ڳالهھ تي اتفاق ڪيو ويو تھ ڪشمير مسئلي کي قومي ۽ عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي ۽ سنڌ حڪومت ۾ گڏيل سھڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. ٻنھي اڳواڻن اھو عزم ورجايو تھ ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ھر سطح تي ڀرپور انداز ۾ جاري رکي ويندي. ملاقات جي موقعي تي وفاقي وزير رانا محمد قاسم نون ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي طرفان ڪشمير مسئلي کي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن بابت آگاھي ڏني. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪشمير جھڙي قومي مفاد جي معاملن تي سمورن وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ويجھو رابطو، گڏيل ھم آھنگي ۽ گڏيل حڪمت عملي اڻٽر آھي. ھن چيو تھ ڪشمير مسئلو پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي جو بنياد ٿنڀ ۽ پوري قوم جو گڏيل قومي موقف آھي، سنڌ حڪومت ڪشمير مسئلي کي ھر سطحتي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ پنھنجون ڪوششون جاري رکندي. ملاقات جي پڄاڻي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفاقي وزير محمد قاسم نون کي سنڌ جي روايتي ثقافت جي علامت سنڌي لنگي ۽ ٽوپي جو تحفو بھ پيش ڪيو.











