جيڪب آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) جيڪب آباد ۾ تيز رفتار مزدا بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلينڪ ۾ گهڙي وئي، جنهن ۾ نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب مزدا گاڏي خيرپور کان ڪوئيٽه وڃي رهي هئي ته همايون شريف واري هنڌ تي حادثي جو شڪار ٿي وئي. فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ اسد خان ولد محمد يوسف بروهي ۽ ناصر ولد روحيل …
جيڪب آباد ۾ تيز رفتار مزدا بريڪ فيل ٿيڻ سبب نجي ڪلينڪ ۾ گهڙي وئي، 2 ڄڻا فوت
جيڪب آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) جيڪب آباد ۾ تيز رفتار مزدا بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلينڪ ۾ گهڙي وئي، جنهن ۾ نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب مزدا گاڏي خيرپور کان ڪوئيٽه وڃي رهي هئي ته همايون شريف واري هنڌ تي حادثي جو شڪار ٿي وئي. فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ اسد خان ولد محمد يوسف بروهي ۽ ناصر ولد روحيل بروهي جي نالن سان ٿي، جن جو تعلق جيڪب آباد جي تعلقي ٺل جي ڳوٺ مرزا خان بروهي سان ٻُڌايو وڃي ٿو.












