پشاور-03 جولاءِ (اي پي پي) فتنه الخوارج دهشتگردن سان بهادريءَ سان مقابلي دوران ايڊيشنل ايس ايڇ او ۽ ايليٽ فورس جو جوان شهيد ۽ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. مهمند پوليس جي ترجمان موجب ٿاڻي يڪه غنڊ جي حد مچني، ورسڪ لفٽ ڪينال ويجهو معمول جي گشت تي موجود پوليس موبائل تي دهشتگردن بزدلاڻو حملو ڪيو، جنهن جو پوليس جي جوانن بهادريءَ سان مقابلو ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ يڪه …
مهمند: فتنه الخوارج دهشتگردن سان مقابلي دوران ايڊيشنل ايس ايڇ او ۽ ايليٽ فورس جو جوان شهيد، ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا
پشاور-03 جولاءِ (اي پي پي) فتنه الخوارج دهشتگردن سان بهادريءَ سان مقابلي دوران ايڊيشنل ايس ايڇ او ۽ ايليٽ فورس جو جوان شهيد ۽ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. مهمند پوليس جي ترجمان موجب ٿاڻي يڪه غنڊ جي حد مچني، ورسڪ لفٽ ڪينال ويجهو معمول جي گشت تي موجود پوليس موبائل تي دهشتگردن بزدلاڻو حملو ڪيو، جنهن جو پوليس جي جوانن بهادريءَ سان مقابلو ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ يڪه غنڊ ٿاڻي جو ايڊيشنل ايڇ او زيت الله ۽ ايليٽ فورس جو جوان نور زيب بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻي، جڏهن ته موبائل ڊرائيور ظاهر زخمي ٿي پيو. پوليس فورس جي مؤثر جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ اِرادن ۾ ناڪام رهيا. عملدارن موجب جوابي ڪارروائيءَ ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا، جن جي تصديق پڻ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته فتنه الخوارج دهشتگرد هڪ ايم-4، هڪ ڪلاشنڪوف ۽ 3 ميگزين ڇڏي ڀڄي وڃڻ تي مجبور ٿيا. واقعي کان فوري پوءِ ڊي ايس پي سرڪل يڪه غنڊ دلفراز خان، ايس ايڇ او قاسم جان ۽ ٻي پوليس فورس علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فتنه الخوارج دهشتگردن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن. مهمند پوليس ان عزم کي ورجايو ته فتنه الخوارج جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون بنا فرق جي جاري رهنديون ۽ شهيدن جون قربانيون هرگز رائگان وڃڻ نه ڏنيون وينديون.












