ڪراڪس-03 جولائي (اي پي پي) وينز ويلا جي وقتي صدر ڊيلسي روڊ ريگيز چيو آهي ته تازي خوفناڪ زلزلي ۾ ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل رياست لاگوارا جا سمورا سرڪاري عهديدار فوت ٿي ويا آهن. هن ڪراڪس ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻن شديد زلزلن سبب لاگوارا ۾ ڪيترن ئي ايجنسين جا اڳواڻ ۽ سمورا سرڪاري عهديدار فوت ٿي ويا آهن. هن زلزلي سبب نقصان جا وڌيڪ تفصيل …
وينز ويلا ۾ زلزلي سبب لاگوارا رياست جا سمورا سرڪاري عهديدار فوت، تعميري سرگرمين لاءِ فنڊ قائم

مزید خبریں
ڪراڪس-03 جولائي (اي پي پي) وينز ويلا جي وقتي صدر ڊيلسي روڊ ريگيز چيو آهي ته تازي خوفناڪ زلزلي ۾ ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل رياست لاگوارا جا سمورا سرڪاري عهديدار فوت ٿي ويا آهن. هن ڪراڪس ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻن شديد زلزلن سبب لاگوارا ۾ ڪيترن ئي ايجنسين جا اڳواڻ ۽ سمورا سرڪاري عهديدار فوت ٿي ويا آهن. هن زلزلي سبب نقصان جا وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته زلزلي سبب 855 کان به وڌيڪ عمارتن کي نقصان ٿيو آهي انهن مان 127 عمارتون ڪري پيون آهن. هن چيو ته 24 جون تي 40 سيڪنڊن جي وقفي سان آيل 7.2 ۽ 7.5 جي شدت جي ٻن زلزلن کان پوءِ 800 کان به وڌيڪ آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا. اطلاع موجب انهن زلزلن سبب فوتگين جو انگ 2295 تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف وينزويلا ۾ زلزلي سبب متاثر علائقن جي اڏاوت لاءِ 20 ڪروڙ ڊالرن جو فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وينزويلا جي وقتي صدر ٻڌايو ته زلزلي ۾ 12 هزار کان به وڌيڪ شهري زخمي ٿيا آهن جڏهن ته امدادي ۽ ڳولا جون ڪارروايون جاري آهن، هيستائين 6 هزار 462 ماڻهن کي ملبي مان زنده ڪڍيو ويو آهي. وقتي صدر انساني امداد ۽ امدادي ٽيمون موڪلڻ وارن ملڪن جو شڪريو ادا ڪندي عالمي برادري کان وينزويلا جي لڳاتار امداد جاري رکڻ جي اپيل ڪئي. هن اهو به اعلان ڪيو ته وينزويلا عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) جي سهڪار سان 20 ڪروڙ ڊالرن جو نئين سر تعمير بابت فنڊ قائم ڪندو جنهن جو مقصد زلزلي سبب متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.











