انڊونيشيا ۾ 6.3 جي شدت جو زلزلو، سونامي وارننگ جاري ناهي ڪئي وئي

هانگ ڪانگ-03 جولاءِ (اي پي پي ) انڊونيشيا جي اتر پاسي واري صوبي جي علائقي هال ماهيره ۾ جمعي تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا انهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.3 رهي . آمريڪي عرضيات کاتي جي سروي موجب زلزلي جي شدت 6.2 ٻڌائي وئي آهي. پرڏيهي ميديا موجب جرمن ريسرچ سينٽر جيو سائنسز ( جي ايف زيڊ ) جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته زلزلي جو مرڪز …

هانگ ڪانگ-03 جولاءِ (اي پي پي ) انڊونيشيا جي اتر پاسي واري صوبي جي علائقي هال ماهيره ۾ جمعي تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا انهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.3 رهي . آمريڪي عرضيات کاتي جي سروي موجب زلزلي جي شدت 6.2 ٻڌائي وئي آهي. پرڏيهي ميديا موجب جرمن ريسرچ سينٽر جيو سائنسز ( جي ايف زيڊ ) جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کا 126.8 ڪلوميٽر اونهائي ۾ هيو. مقامي وقت موجب زلزلو ساڍي يارهين وڳي آيو. انڊونيشيا جي جيو فزڪس ايجنسي پاران زلزلي کانپوءِ سونامي وارننگ جاري ناهي ڪئي وئي.