سعودي عرب جي الباحه ريجن جو ٻهراڙيءَ وارو علائقو پرڪشش سياحتي ماڳ بڻجي ويو

رياض-03 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي الباحه ريجن جو ٻهراڙي وارو علائقو پر ڪشش سياحتي ماڳ بڻجي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ علائقي جي ڳوٺاڻي شعبي ۾ نمايا ترقي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت بابت ريجنل ڊائريڪٽر انجنيئر فهد مفتاح الزهراني ٻڌايو ته هتي هڪ تربيتي ڪيمپ به شروع ڪئي وئي آهي جيڪا مملڪت جي ڏکڻ اولهه علائقن ۾ ٻهراڙي جي سياحت جي سرگرمين …

رياض-03 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي الباحه ريجن جو ٻهراڙي وارو علائقو پر ڪشش سياحتي ماڳ بڻجي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ علائقي جي ڳوٺاڻي شعبي ۾ نمايا ترقي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت بابت ريجنل ڊائريڪٽر انجنيئر فهد مفتاح الزهراني ٻڌايو ته هتي هڪ تربيتي ڪيمپ به شروع ڪئي وئي آهي جيڪا مملڪت جي ڏکڻ اولهه علائقن ۾ ٻهراڙي جي سياحت جي سرگرمين سان وابسته ماڻهن لاءِ پنهنجي نوعيت جو پهريون ترقياتي پروگرام آهي. هن چيو ته الباحه ۾ هن وقت 30 لائسنس يافته وليج فارم موجود آهن جڏهن ته وڌيڪ 35 فارمز کي لائسنس ڏيڻ جو عمل جاري آهي. ان منصوبي جو مقصد علائقي جي مختلف ڪمشنرين ۾ لائسنس يافته فارمز جي انگ کي وڌائي 65 تائين ڪرڻ آهي ته جيئن علائقي جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي سياحت کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. سندس چوڻ هيو ته ريجن جا وليج فارم زرعي پيداوار ۽ سياحتي سرگرمين کي گڏ ڪن ٿا جتي سياحن کي ٻهراڙي جي طرز جي مهمان نوازي ۽ ثقافتي ورثي کان روشناس ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو. ان کانسواءِ الباحه جي سرسبز ٻنيون به سياحن لاءِ خاص طور تي پر ڪشش نظارن جو سبب آهي.