ڪي پي ڪي جو گورنر ايران جي سپريم ليڊر شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ايران روانو

اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايران جي سپريم ليڊر شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ايران روانو ٿي ويو. گورنر آفيس موجب فيصل ڪريم ڪنڊي اسلام آباد مان سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد سان گڏ تهران روانو ٿيو. ايران جي دؤري دوران پاڪستاني …

اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايران جي سپريم ليڊر شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ايران روانو ٿي ويو. گورنر آفيس موجب فيصل ڪريم ڪنڊي اسلام آباد مان سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد سان گڏ تهران روانو ٿيو. ايران جي دؤري دوران پاڪستاني وفد سپريم ليڊر شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ ٻين تعزيتي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وفد ايراني اعليٰ قيادت سان ملاقاتون پڻ ڪندو، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

مزید خبریں