لاڙڪاڻو-02 جولاءِ (اي پي پي) ايم پي اي جميل احمد سومرو طرفان لاڙڪاڻي جي قديم سرڪاري پرائمري شاهه محمد اسڪول جي هڪ حصي تي مبينا قبضي سميت ايڌي سينٽر ۾ قائم ڪئمپ آفيس پٽڻ وارن معاملن جو الڳ الڳ نوٽيس وٺي ضلعي انتظاميه توڙي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري فوري طور تي معاملا حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. ان ڏس ۾ ڪالهھ لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جي سٽي بلاڪ …
لاڙڪاڻي جي ايم پي اي اي جميل احمد سومرو پاران قديم سرڪاري اسڪول ۽ ايڌي سينٽر جي ڪيمپ آفيس پٽڻ جو نوٽيس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-02 جولاءِ (اي پي پي) ايم پي اي جميل احمد سومرو طرفان لاڙڪاڻي جي قديم سرڪاري پرائمري شاهه محمد اسڪول جي هڪ حصي تي مبينا قبضي سميت ايڌي سينٽر ۾ قائم ڪئمپ آفيس پٽڻ وارن معاملن جو الڳ الڳ نوٽيس وٺي ضلعي انتظاميه توڙي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري فوري طور تي معاملا حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. ان ڏس ۾ ڪالهھ لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جي سٽي بلاڪ ۾ جديد اسپتال جي تعمير دوران انتظاميا پاران ايڌي سينٽر جي قائم ڪيل ڪئمپ آفيس پٽڻ واري مامري جو ايم پي اي جميل احمد سومرو سخت نوٽيس وٺندي لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ۽ ٻين اختيارن سان رابطو ڪيو، جن ايم پي اي لاڙڪاڻو کي ٻڌايو ته اسپتال جو تيزيءَ سان ڪم هلي رهيو آهي، ڳري مشنري موجود آهي ۽ سامان پڻ لاٿو پيو وڃي، اسان کي خدشو هو ته ڪو پٿر وغيره يا ڪا ٻي شيءَ ايڌي ڪئمپ آفيس کي لڳي وڃي، انڪري ضلعي انتظاميا ڪئمپ هٽائڻ لاءِ چيو هو، هوڏانهن ايم پي اي جميل احمد سومرو لاڙڪاڻو ايڌي سينٽر جي انچارج حاجي سليم آرائين سان رابطو ڪيو ۽ کيس مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، ايم پي اي جميل احمد سومرو ايڌي سينٽر جي انچارج کي لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر سان فوري رابطو ڪرڻ لاءِ چيو آهي، هن چيو ته ضرورت پئي ته اسان لاڙڪاڻو ايڌي انتظاميا کي آفيس يا زمين ٻي هنڌ ڏئي سگهون ٿا، اسان ايڌي انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته اسان عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ آيا آهيون. هوڏانهن لاڙڪاڻي شهر جي قديم سرڪاري پرائمري شاهه محمد اسڪول جي هڪ حصي تي بااثر ماڻهن پاران قبضو ڪري اسڪول جي عمارت اندر دروازو ٺاهي ڇڏڻ واري مامري جو پڻ ايم پي اي جميل احمد سومرو نوٽيس وٺي لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارن سان رابطو ڪري قبضو ختم ڪرائڻ جون هدايتون ڪيون، جنهن بعد لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن اينٽي اينڪروچمينٽ پوليس سان گڏ بااثرن پاران اسڪول جي هڪ حصي تي ڪيل قبضي وارو دروازو ختم ڪرايو ويو. ان حوالي سان ايم پي اي جميل احمد سومرو جو چوڻ هيو ته لاڙڪاڻي جي سرڪاري ملڪيت توڙي زمينن تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، جيڪو به اهڙو عمل ڪندو ان خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.











