لاڙڪاڻي ۾ ڪارروايون، منشيات فروش 2 عورتن سميت 3 ڄڻا گرفتار، 12 ڪلو چرس هٿ

لاڙڪاڻو-02 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس طرفان منشيات فروشن جو نيٽ ورڪ ٽوڙي، 2 عورتن سميت ٽن منشيات فروشن کي لڳ ڀڳ 12 ڪلو گرام چرس سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ٻڌايو ته لاڙڪاڻو پوليس وفاقي سول حساس اداري جي سهڪار سان منشيات جي وڏي سپلاءِ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي نيو بس ٽرمينل …

لاڙڪاڻو-02 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس طرفان منشيات فروشن جو نيٽ ورڪ ٽوڙي، 2 عورتن سميت ٽن منشيات فروشن کي لڳ ڀڳ 12 ڪلو گرام چرس سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ٻڌايو ته لاڙڪاڻو پوليس وفاقي سول حساس اداري جي سهڪار سان منشيات جي وڏي سپلاءِ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي نيو بس ٽرمينل واري علائقي ۾ ڪوئيٽه کان آيل مسافر ڪوچ مان 3 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عقيلا زال محمد عمر، اصل رهواسڻ افغانستان ۽ موجوده رهواسڻ ڪوئيٽه طور ٿي، جنهن وٽان 4 ڪلو چرس، ٻي جوابدار لائبه ڌيءَ ولي محمد بروهي، رهواسڻ ڪوئيٽه وٽان 2 ڪلو چرس، جڏهن ته محمد حيات پٽ عبدالحميد بروهي وٽان 3 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدار بين الصوبائي منشيات فروش ٽولي سان واسطو رکن ٿا، حاصل ڪيل ڄاڻ موجب اهي اڳ به بلوچستان صوبي اندر منشيات فروشي جي ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪا آهن، شروعاتي جاچ موجب گرفتار جوابدار ڪوئيٽه سان تعلق رکندڙ منشيات فروشن رحمت بروهي ۽ امداد بروهي لاءِ ڊليوري بوائز طور ڪم ڪندا هئا، 2 ڪلو کان وڌيڪ چرس اڇلائي فرار ٿيندڙ جوابدار ياسين جتوئي خلاف حد جي وليد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کان سندن ٻين ساٿين، خريدارن ۽ منشيات فروشن بابت وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي، جن خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

مزید خبریں