بدين پوليس جي ڪارروائي، اينٽي ڪرپشن جي جعلي عملدارن جو روپ ڌاري اغوا ۽ ڀتاخور ٽولو گرفتار، رائيس مل جي مئنيجر کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

بدين - 02 جولاءِ (اي پي پي) بدين پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي اينٽي ڪرپشن جي جعلي عملدارن جو رُوپ ڌاري ماڻهن کي اغوا ڪري ڀُنگ ۽ ڀتو وٺندڙ ٽولي کي گرفتار ڪندي رائيس مل جي مئنيجر کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، بدين پوليس موجب ايس ايڇ او کورواھ لياقت پنهور ڪارروائي دوران اختر حسين زرداري سميت چئن جوابدارن کي ان وقت گرفتار ڪيو، جڏهن هو پاڻ کي اينٽي ڪرپشن …

بدين – 02 جولاءِ (اي پي پي) بدين پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي اينٽي ڪرپشن جي جعلي عملدارن جو رُوپ ڌاري ماڻهن کي اغوا ڪري ڀُنگ ۽ ڀتو وٺندڙ ٽولي کي گرفتار ڪندي رائيس مل جي مئنيجر کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، بدين پوليس موجب ايس ايڇ او کورواھ لياقت پنهور ڪارروائي دوران اختر حسين زرداري سميت چئن جوابدارن کي ان وقت گرفتار ڪيو، جڏهن هو پاڻ کي اينٽي ڪرپشن کاتي جا عملدار ظاهر ڪري کورواھ شهر جي ڪڙيو گھنور روڊ تي قائم وشال رائيس مل جي مئنيجر دليپ لوهاڻي کي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا، جنهن جو اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور ڪارروائي ڪندي رائيس مل مئنيجر دليپ لوهاڻي کي بازياب ڪرائي سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪندي جوابدارن خلاف کورواھ ٿاڻي تي ٻه الڳ الڳ ڪيس گناهه نمبر 64/2026 هيٺ پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 365، 170، 171، 419 ۽ 420 تحت، جڏهن ته ٻيو ڪيس گناهه نمبر 65/2026 هيٺ سنڌ آرمز ايڪٽ جي قلم 23/ 01-اي، 24  ۽ 25 تحت داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن تي اغوا، سرڪاري ملازم جي ڪوڙي حيثيت ظاهر ڪرڻ، جعلي سرڪاري سڃاڻپ ڪارڊ استعمال ڪرڻ، سرڪاري اداري جو اهلڪار بڻجي فراڊ ڪرڻ ۽ بغير لائسنس جي غيرقانوني هٿيار رکڻ جا الزام آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.


مزید خبریں