لاڙڪاڻو - 02 جولاءِ(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر- شھدادڪوٽ مختلف علائقن سميت سجاول جوڻيجو، ڳوٺ ڇٽو خان مستوئي ۽ ڳوٺ ڍنگ ۾ جاري پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ترقياتي اسڪيمن جي ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر ڪم جي رفتار ۽ مٽيريل جي معيار جو جائزو ورتو، اسڪيمن تي عملدرآمد جو معائنو ڪيو. هن لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته سموريون اسڪيمون مقرر وقت اندر مڪمل ڪري عوام جي حوالي ڪيون وڃن. هن چيو …
ڊپٽي ڪمشنر قمبر- شھدادڪوٽ پاران مختلف علائقن جو دورو، پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ترقياتي اسڪيمن جي ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو
لاڙڪاڻو – 02 جولاءِ(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر- شھدادڪوٽ مختلف علائقن سميت سجاول جوڻيجو، ڳوٺ ڇٽو خان مستوئي ۽ ڳوٺ ڍنگ ۾ جاري پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ترقياتي اسڪيمن جي ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر ڪم جي رفتار ۽ مٽيريل جي معيار جو جائزو ورتو، اسڪيمن تي عملدرآمد جو معائنو ڪيو. هن لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته سموريون اسڪيمون مقرر وقت اندر مڪمل ڪري عوام جي حوالي ڪيون وڃن. هن چيو ته ڪم ۾ ڪابه غفلت ۽ معيار ۾ سمجهوتو برداشت نه ڪيو ويندو.ڊپٽي ڪمشنر چيو آھي ته انهن اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ سان عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي، پيور بلاڪ ۽ صفائي سٿرائي جون بهتر سهولتون ملنديون.











