سنگاپور-02 جولاءِ (اي پي پي) عالمي منڊي ۾ خميس ڏينهن خام تيل جي قيمتن ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنهن جو سبب قطر طرفان اهو اعلان آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ آبنائي هرمز بابت سڌيءَ ريت ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق قطر جي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جون مهيني ۾ جنگ بندي تي ٻڌل يادداشت نامي …
عالمي منڊي ۾ خام تيل جي اگهن ۾ لڳاتار ٽئين ڏينهن به گهٽتائي جاري
سنگاپور-02 جولاءِ (اي پي پي) عالمي منڊي ۾ خميس ڏينهن خام تيل جي قيمتن ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنهن جو سبب قطر طرفان اهو اعلان آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ آبنائي هرمز بابت سڌيءَ ريت ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق قطر جي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جون مهيني ۾ جنگ بندي تي ٻڌل يادداشت نامي جي معاملن تي ٿيل ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. پر ٻنهي ملڪن طرفان مستقل امن جي حوالي سان ڪنهن نمايا اڳڀرائي جو ڪو اشارو ناهي مليو. برينٽ نارٿ خام تيل جا سودا 77 سينٽ يا 1.1 سيڪڙو جي گهٽتائي بعد 70.80 ڊالر في بيرل تي پهچي ويا آهن. جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيئيٽ خام تيل 84 سينٽ يا 1.2 سيڪڙو جي لاٿ بعد 67.74 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي. هوڏانهن عالمي جي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اوپيڪ پلس جي ميمبر ملڪن آچر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ آگسٽ کان خام تيل جي پيداوار جي هدف ۾ واڌ تي اتفاق ٿي سگهي ٿو.












