مُشڪل حالتن ۾ زنده رهڻ، تڪليفُون برداشت ڪرڻ جي ڪري اُٺ عرب ثقافت جي افضل ترين علامت قرار

رياض _2 جولاءِ (اي پي پي ) عرب ثقافت پنهنجي وسيع لساني ورثي کي گهڻي محنت سان محفوظ ڪيو آهي جنهن ۾ اٺ جي زندگي جي ڪنهن به حصي يا عمر لاءِ لفظ جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي، اٺ جي پيدائش کان پوڙهائپ تائين جي عمر کي بيان ڪرڻ لاءِ عربي زبان ۾ نه صرف موقعي جو لفظ موجود هوندو آهي پر ريگستان ۽ ان جي وڳ وچ ۾ …

رياض _2 جولاءِ (اي پي پي ) عرب ثقافت پنهنجي وسيع لساني ورثي کي گهڻي محنت سان محفوظ ڪيو آهي جنهن ۾ اٺ جي زندگي جي ڪنهن به حصي يا عمر لاءِ لفظ جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي، اٺ جي پيدائش کان پوڙهائپ تائين جي عمر کي بيان ڪرڻ لاءِ عربي زبان ۾ نه صرف موقعي جو لفظ موجود هوندو آهي پر ريگستان ۽ ان جي وڳ وچ ۾ سالن جو لاڳاپو قائم آهي عربي زبان ۾ ان جي به عڪاسي ٿئي ٿي. سعودي ميڊيا مطابق اٺ صرف ان لاءِ اهم ناهي ته ان ۾ دير تائين مشڪل حالتن جو مقابلو ڪري زنده رهڻ جي صلاحيت موجود آهي پر ان کان وڌيڪ اهو ته عرب تهذيب جي افضل ترين علامت آهي جيڪا هزارين  سالن کان منتقل ٿيندڙ ثقافتي روايت به آهي. تاريخي اعتبار کان ڏٺو وڃي ته اٺ جي ڀيٽ ۾ ڪو ٻيو جانور نٿو ٿي سگهي. غير معمولي خصوصيت رکندڙ اٺ آبهوا مطابق پنهنجي جياپي لاءِ کاڌو گڏ ڪندو آهي جيڪو ڪنهن ٻئي جانور لاءِ ممڪن ناهي ڇو ته ان ۾ اڃ برداشت ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت آهي ۽ هي جانور انهن رستن کان گذري به پنهنجي منزل ڳولا ڪري سگهي ٿو جيڪو انتهائي مشڪل هوندو آهي. حياتياتي طور اٺ جي شڪل ۾ رونما ايندڙ ڪرشمو شروعاتي زمانن ۾ سفر لاءِ مشڪل سمجهيو ويندو هو، نظر جي حد تي ريگستان ۾ اٺ نه صرف قافلن ذريعي واپار جو اهم ذريعو هو پر مشڪل ترين خطي جي زمين لاءِ اٺڙين جو کير، گوشت ۽ کل به انتهائي فائديمند هوندا هئا. پنهنجي قوت برداشت لاءِ مشهور اٺن تي وزن کڻي قافلا هڪ ڏينهن ۾ 60 ڪلو ميٽرن تائين جو سفر ڪري وٺندا هئا ۽ ائين جديد دور جي ٽرانسپورٽ اچڻ کان پهريان اٺ ئي ٻيٽ نما عرب جي مختلف رستن تي واپاري سفر جي بنيادي وسيلي طورڪم ايندا هئا. اڄ به اٺ اصليت ۽ صبر جي علامت آهي.

مزید خبریں