سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي عدالت پاران پوليس عملدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري حڪمنامو ختم ڪرڻ جو حڪم

لاڙڪاڻو-02 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي عدالت پوليس مقابلي واري ڪيس ۾ ڊي ايس پي سعد جبار، ايس ايڇ او حيدري گلزار احمد ٻرڙو، پوليس اهلڪارن اي ڊي ابڙو ۽ سجاد ابڙو مٿان فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري حڪمنامي کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او حيدري گلزار احمد ابڙو …

لاڙڪاڻو-02 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي عدالت پوليس مقابلي واري ڪيس ۾ ڊي ايس پي سعد جبار، ايس ايڇ او حيدري گلزار احمد ٻرڙو، پوليس اهلڪارن اي ڊي ابڙو ۽ سجاد ابڙو مٿان فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري حڪمنامي کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او حيدري گلزار احمد ابڙو ۽ ٻين طرفان پنهنجي وڪيل اشفاق ابڙو، ايڊووڪيٽ عنايت الله موريو، ايڊووڪيٽ احمد خان ابڙو معرفت لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت طرفان سندن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري حڪمنامي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو هو جنهن درخواست جي ٻڌڻي خميس ڏينهن جسٽس رياضت علي ساهڙ جي عدالت ۾ ٿي. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڊي ايس پي سعد جبار، ايس ايڇ او حيدري گلزار احمد ٻرڙو، پوليس اهلڪارن اي ڊي ابڙو ۽ سجاد ابڙو مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري حڪمنامي کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جي عدالت حيدري ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل قربان سنجراڻي جي وارثن طرفان داخل ڪيل درخواست تي اهڙو حڪمنامو جاري ڪيو هو، جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ حيدري ٿاڻي جي حد ۾ مبينه پوليس مقابلي دوران پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ قربان سنجراڻي نالي ڏوهاري مارجي ويو هو جنهن مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي سنگين نوعيت جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل هئا ۽ اهڙي پوليس پڌرائي پڻ جاري ٿي هئي.

مزید خبریں