صحت جي عالمي اداري روڊ حادثن ۾ گهٽتائي لاءِ نئون فني ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيو

 جنيوا _1 جولاءِ (اي پي پي)صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او ) روڊن تي وڌندڙ روڊ حادثن سبب حياتيون وڃائيندڙ واقعن جي روڪ ٿام لاءِ نئون عالمي فني ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيو آهي. جيڪو ٽن اهم شعبن بابت نوان رهنما اصول تيار ڪندو. ان عمل سبب سڄي دنيا ۾ هر سال اٽڪل 11 لک 90 هزار ماڻهو ٽريفڪ حادثن ۾ حياتيون وڃائي ويهندا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊبليو …

 جنيوا _1 جولاءِ (اي پي پي)صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او ) روڊن تي وڌندڙ روڊ حادثن سبب حياتيون وڃائيندڙ واقعن جي روڪ ٿام لاءِ نئون عالمي فني ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيو آهي. جيڪو ٽن اهم شعبن بابت نوان رهنما اصول تيار ڪندو. ان عمل سبب سڄي دنيا ۾ هر سال اٽڪل 11 لک 90 هزار ماڻهو ٽريفڪ حادثن ۾ حياتيون وڃائي ويهندا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊبليو ايڇ او جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته روڊ حادثا 5 کان 29 سالن جي عمر جي ٻارن ۽ نوجوانن ۾ موت جو وڏو سبب آهن . ڊرائيونگ دوران ڌيان جي گهٽتائي ، غير محفوظ رفتار ، ناقص روڊن جو بنيادي ڍانچو ۽ موٽرسائيڪلن جا تيزي سان وڌندڙ موتمار حادثا ۽ سنگين زخمي ٿيڻ جو وڏو سبب آهي . اداري  زخمي ٿيڻ کان بچاِءَ جي  شعبي جي سراهه ڊاڪٽر نان ٽران چيو ته موجوده قانون اهم ضروري آهي پر سڄي دنيا ۾ ٽرانسپورٽ جي بدلجندڙ حالتن مطابق ان کي جديد بڻائڻ ضروري آهي . هن چيو ته نئون ورڪنگ گروپ اهڙا رهنمااصول تيار ڪندو جيڪي سائنسي شاهدين ، موجوده ٽرانسپورٽ نظام ۽ حياتيون بچائيندڙ موثر طريقن تي ٻڌل هوندو (جنهن  ۾ موبائل فون جو استعمال ۽ نئين گاڏين جون ٽيڪنالاجيز شامل آهن ) رفتار جو موثر انتظام ۽ روڊن جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري ، موٽر سائيڪلن ۽ ٻين وڌيڪ رخن وارين موٽر گاڏن جي حفاظت شامل آهي . اها اڳڀرائي گڏيل قومن جي روڊن جي حفاظت بات اعلٰي سطحي اجلاس کان اڳ سامهون آئي آهي .

مزید خبریں