ايپل پاران سائبر سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي اهم سيڪيورٽي اپ ڊيٽس وقت کان اڳ جاري

 ڪيلفورنيا _1 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل ڪجهه اهم سيڪيورٽي اپ ڊيٽس وقت کان اڳ جاري ڪري ڇڏيا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني اهو فيصلو مصنوعي ذهانت (اي آءِ ) سبب وڌندڙ سائبر سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو آهي ، خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اي آءِ هيڪنگ ۽ نقصانڪار اوزارن جي تياري کي تيز ڪري سگهي ٿو ۽ سافٽ ويئر جي خامين …

 ڪيلفورنيا _1 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل ڪجهه اهم سيڪيورٽي اپ ڊيٽس وقت کان اڳ جاري ڪري ڇڏيا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني اهو فيصلو مصنوعي ذهانت (اي آءِ ) سبب وڌندڙ سائبر سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو آهي ، خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اي آءِ هيڪنگ ۽ نقصانڪار اوزارن جي تياري کي تيز ڪري سگهي ٿو ۽ سافٽ ويئر جي خامين مان فائدو کڻڻ لاءِ حملو ڪندڙ کي گهربل وقت  گهٽ ٿي سگهي ٿو . ايپل جو اهو قدم ان جي اڳوڻي پاليسي کان مختلف آهي ، جنهن تحت اپ ڊيٽس عام طور تي ڊولپرز جي جاچ بعد وڏي آپريٽنگ سسٽم اپ ڊيٽس سان گڏ جاري ڪيا ويندا هئا. ڪمپني چيو ته ان ڳالهه جو ڪو ثبوت ناهي مليو ته تازو ئي ختم ڪيل سيڪيورٽي خامين مان فائدو ٿيو هجي . پر بدلجندڙ سائبر خطرن کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي اپڊيٽس جو اعلان ۽ ان جي دستيابي ضروري ٿي ويو آهي .

مزید خبریں