پيرس _1 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي تعليم، سائنس ۽ ثقافت بابت ذيلي اداري (يونيسڪو) جي عالمي ثقافتي ورٽه ڪميٽي جو 48 هون اجلاس 20 کان 29 جولاءِ تائين ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ منعقد ٿيندو، جڏهن ته افتتاحي تقريب 19 جولاءِ تي ٿيندي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اجلاس دوران عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ 30 نوان هنڌ شامل ڪرڻ جي درخواستن جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته پهرين کان لسٽ …
يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثه ڪميٽي جو 48 هون اجلاس 20 جولاءِ کان ڏکڻ ڪوريا ۾ شروع ٿيندو

مزید خبریں
پيرس _1 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي تعليم، سائنس ۽ ثقافت بابت ذيلي اداري (يونيسڪو) جي عالمي ثقافتي ورٽه ڪميٽي جو 48 هون اجلاس 20 کان 29 جولاءِ تائين ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ منعقد ٿيندو، جڏهن ته افتتاحي تقريب 19 جولاءِ تي ٿيندي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اجلاس دوران عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ 30 نوان هنڌ شامل ڪرڻ جي درخواستن جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته پهرين کان لسٽ ۾ شامل ٽن هنڌن بابت تجويز به غور هيٺ آندي ويندي. ان کان علاوه عالمي ثفافتي ورثي جي لسٽ ۾ شامل 147 هنڌن جي تحفظ جي موجوده صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو. يونيڪسو مطابق هيستائين 170 ملڪن جي هڪ هزار 248 هنڌن کي عالمي ثقافتي ورثي جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان لسٽ ۾ قدرتي، ثقافتي ۽ گڏيل ورثي جا اهڙا هنڌ شامل ڪيا ويندا جن کي غير معمولي عالمي اهميت حاصل هجي ۽ جن جو تحفط موجوده ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ضروري هجي. يونيسڪو جو چوڻ آهي ته عالمي ثقافتي ورثي جو درجو نه رڳو ان هنڌن جي تحفظ، بحالي ۽ پائيدار انتظام کي هٿي ڏيڻ آهي پر ذميواراڻي سياحت کي هٿي ڏيڻ، مقامي معيشت جي مضبوطي، ثقافتي اوسر بابت عوامي آگاهي ۾ اضافو ۽ قدرتي ورثي ۽ حياتياتي واڌ جي ڊگهي مدي جي تحفظ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.











