خيبر پختونخوا جي گورنر پاران لاهور جي ڪاهنه سانحي ۾ معصوم ٻارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

پشاور - 01 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي لاهور جي ڪاهنه سانحي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته ٽيوشن سينٽر جي عمارت ڪرڻ سان معصوم ٻارن جي شهادت تي پوري قوم سوڳوار آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب اربع ڏينهن جاري بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي  چيو ته ٻارن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيان ٿو. …

پشاور – 01 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي لاهور جي ڪاهنه سانحي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته ٽيوشن سينٽر جي عمارت ڪرڻ سان معصوم ٻارن جي شهادت تي پوري قوم سوڳوار آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب اربع ڏينهن جاري بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي  چيو ته ٻارن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي. هن زخمي ٻارن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.

مزید خبریں