آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ فني ڳالهيون جاري آهن: نائب صدر جي ڊي وينس

واشنگٽن - 01 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي، ته سندس ملڪ ۽ ايران وچ ۾ فني ڳالهيون جاري آهن.  پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي نائب صدر چيو آهي، ته دوحه ۾ جاري ڳالهين بابت ايران جي عوامي سطح تي ترديد اصل ۾ اهي سوچيل سمجهيل فارسي انداز جون ڳالهيون آهن، جڏهن ته سندس موجب آمريڪي حڪومت ۽ ايراني حڪومت وچ ۾ فني سطح تي …

واشنگٽن – 01 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي، ته سندس ملڪ ۽ ايران وچ ۾ فني ڳالهيون جاري آهن.  پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي نائب صدر چيو آهي، ته دوحه ۾ جاري ڳالهين بابت ايران جي عوامي سطح تي ترديد اصل ۾ اهي سوچيل سمجهيل فارسي انداز جون ڳالهيون آهن، جڏهن ته سندس موجب آمريڪي حڪومت ۽ ايراني حڪومت وچ ۾ فني سطح تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. دي مائيڪل نولز شو کي ڏنل انٽرويو ۾ جي ڊي وينس چيو ته مقرره ڳالهيون ٿيڻيون هيون،  اصل ۾ فني نوعيت جون ڳالهيون، جيڪي اڳ  کان جاري ڳالهين جي بنياد تي اڳيان وڌي رهيون آهن ۽ اهي يقيني طور  ٿيڻيون آهن. هن چيو ته تهران جي عوامي بيان کيس دلچسپ ۽ ڪنهن حد تائين پريشان ڪندڙ لڳندا آهن ڇاڪاڻ ته ايراني  عملدار هڪ طرف امن ڳالهين جي ترديد ڪن ٿا جڏهن ته ٻئي پاسي فني سطح جي ڳالهين کي مڃن به ٿا. جي ڊي وينس چيو ته ايراني چون ٿا ته، امن ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، پر ان سان گڏ اهو به چوندا آهن ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي حوالي سان فني ڳالهيون جاري آهن. هن وڌيڪ  چيو ته اهي هڪ فارسي انداز جون ڳالهيون ۽ بيانيو آهي جنهن کي مان سمجهي نٿو سگهان. وائيٽ هائوس جي نمائندي اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر سومر تي ان وقت دوحه روانا ٿي ويا جڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران قطر جي گادي واري هنڌ ملاقات جي درخواست ڪئي آهي. جڏهن ته ايران آمريڪا سان ڪنهن به سڌي ريت ملاقات جي منصوبه بندي جي ترديد ڪئي آهي، ۽ اهو به چيو آهي ته ٽياڪڙن ذريعي مشاورت جو عمل جاري آهي.