ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پارليامينٽ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته مضبوط پارليامينٽ جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ عوامي اعتماد جو بنياد آهي. هن چيو ته قومي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ ڳالهين، اتفاق راءِ ۽ اثرائتي قانونسازي کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. گورنر چيو ته نوجوانن ۽ عورتن جي اثرائتي پارلياماني …
مضبوط پارليامينٽ جمهوري، آئين جي بالادستي ۽ عوامي اعتماد جو بنياد آهي: گورنر

مزید خبریں
ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پارليامينٽ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته مضبوط پارليامينٽ جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ عوامي اعتماد جو بنياد آهي. هن چيو ته قومي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ ڳالهين، اتفاق راءِ ۽ اثرائتي قانونسازي کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. گورنر چيو ته نوجوانن ۽ عورتن جي اثرائتي پارلياماني نمائندگي جمهوري نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته آئين جي پاسداري، جمهوري ادارن جو استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني ئي پاڪستان جي روشن، مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل جي ضمانت آهن. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پارليامينٽ جو عالمي ڏينهن اسان کي قومي مفاد کي هر ذاتي ۽ سياسي مفاد تي مقدم رکندي جمهوري قدرن، پارلياماني روايتن ۽ عوامي خدمت جي عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو.










