سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت ۾ ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي جي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس

ڪراچي - 30 جون (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي جي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس ٿيو، جنهن ۾ منصوبي تي جاري تعميراتي ڪم، مختلف مرحلن جي اڳڀرائي، درپيش چئلينجن ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن سينيئر وزير کي منصوبي جي مجموعي اڳڀرائي، مختلف تعميراتي پيڪيجز، يوٽيلٽي شفٽنگ، اسٽيشنن جي تعمير، …

ڪراچي – 30 جون (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي جي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس ٿيو، جنهن ۾ منصوبي تي جاري تعميراتي ڪم، مختلف مرحلن جي اڳڀرائي، درپيش چئلينجن ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن سينيئر وزير کي منصوبي جي مجموعي اڳڀرائي، مختلف تعميراتي پيڪيجز، يوٽيلٽي شفٽنگ، اسٽيشنن جي تعمير، ڊپو، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي مختلف حصن ۾ جاري ڪم جي رفتار، مقرر هدفن ۽ ٽائيم لائن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي ڪراچي لاءِ انتهائي اهم ۽ عوامي ڀلائي جو منصوبو آهي، تنهن ڪري ان تي جاري سمورن ڪمن ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي. هن هدايت ڪئي ته هر مرحلو مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته فني يا انتظامي رڪاوٽن کي فوري طور ختم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ رابطي ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي، جڏهن ته منصوبي کي اعليٰ معيار ۽ مقرر هدفن موجب مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪيا وڃن.اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او زبير چنا، منصوبي جي ڪنسلٽنٽس، انجنيئرز ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں