ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ايجوڪيشنل اينڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فنڊن جي سيڙپڪاري، ٿرڊ پارٽي آڊٽ، اسڪالرشپ نظام جي ڊجيٽلائيزيشن، نون تعليمي ادارن جي شموليت ۽ يونيورسٽين جي سيٽن جي ٻيهر ترتيب سميت اهم معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. سيڪريٽري نديم …
سنڌ ايجوڪيشنل اينڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اهم اجلاس منعقد

مزید خبریں
ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ايجوڪيشنل اينڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فنڊن جي سيڙپڪاري، ٿرڊ پارٽي آڊٽ، اسڪالرشپ نظام جي ڊجيٽلائيزيشن، نون تعليمي ادارن جي شموليت ۽ يونيورسٽين جي سيٽن جي ٻيهر ترتيب سميت اهم معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ فنڊن جي سيڙپڪاري پاليسي جو مسودو تيار ڪرڻ لاءِ مالياتي ماهرن تي ٻڌل خاص ڪميٽي قائم ڪندي هدايت ڪئي ته فنڊن مان وڌ کان وڌ منافعو حاصل ڪيو وڃي، پر سمورا قدم قانون، ضابطن، حڪومتي پاليسي ۽ قانون موجب کنيا وڃن.اجلاس ۾ مالي سال 26-2025ع لاءِ ٿرڊ پارٽي آڊٽ فرم جون خدمتون ٻن سالن لاءِ حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سيڪريٽري هدايت ڪئي ته آڊٽ فرم جي چونڊ سپرا قانونن تحت شفاف مقابلي واري عمل ذريعي ڪئي وڃي.اجلاس دوران سنڌ ايجوڪيشنل اينڊوومينٽ فنڊ جي اسڪالرشپ نظام کي ڊجيٽل بڻائڻ لاءِ اسمارٽ پورٽل تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي وئي، جنهن کي منظوري لاءِ بورڊ آڏو پيش ڪري ايندڙ سال لاڳو ڪيو ويندو.اجلاس ۾ نون تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين کي سيف ٽرسٽ جي پينل ۾ شامل ڪرڻ وارين درخواستن جو جائزو پڻ ورتو ويو، جڏهن ته موجوده يونيورسٽين ۽ ادارن جي سيٽن جي ٻيهر ترتيب بابت مالي وسيلن ۽ خرچن جو تفصيلي جائزو وٺندي هڪ خاص ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جيڪا هڪ هفتي اندر سفارشون پيش ڪندي.سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ زور ڀريو ته کاتي کي هر صورت ۾ مالي خساري کان بچايو وڃي ۽ موجود وسيلن جو بهترين استعمال يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته وڌيڪ خرچ وارن ادارن جي سيٽن جو ٻيهر جائزو وٺي ساڳين وسيلن مان وڌ کان وڌ مستحق شاگردن کي تعليمي موقعا فراهم ڪيا وڃن. سندس چوڻ هو ته کاتي جو مالي استحڪام ۽ وڌ کان وڌ شاگردن جو مفاد ئي اولين ترجيح آهي.اجلاس ۾ اسپيشل سيڪريٽري فرخ شهزاد، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن گهنور علي لغاري، وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پروفيسر آصف احمد شيخ، چيف انويسٽمينٽ آفيسر فنانس رضا عباس، ڊائريڪٽر فنانس آءِ بي اي ڪراچي معيد سلطان ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.










