سکر- 30 جون (اي پي پي) پاڪستان نيوي ۾ سيلر طور ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان نيوي بيچ بي سال 2026 ع (ايس) تحت مختلف شعبن ۾ سيلرز طور ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان نيوي ريڪروٽمينٽ سينٽر سکر پاران جاري ڪيل اعلان موجب، ڀرتيون ٽيڪنيڪل، ميرين، نيول پوليس، ميوزڪ، ايم ٽي ڊي، شيف/اسٽيورڊ ۽ ٻين شعبن ۾ ٿينديون. اميدوارن لاءِ تعليمي قابليت ميٽرڪ سائنس، …
پاڪستان نيوي ۾ سيلر طور ڀرتين جو اعلان، آن لائن رجسٽريشن 05 جولاءِ تائين جاري رهندي: پڌرائي

مزید خبریں
سکر- 30 جون (اي پي پي) پاڪستان نيوي ۾ سيلر طور ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان نيوي بيچ بي سال 2026 ع (ايس) تحت مختلف شعبن ۾ سيلرز طور ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان نيوي ريڪروٽمينٽ سينٽر سکر پاران جاري ڪيل اعلان موجب، ڀرتيون ٽيڪنيڪل، ميرين، نيول پوليس، ميوزڪ، ايم ٽي ڊي، شيف/اسٽيورڊ ۽ ٻين شعبن ۾ ٿينديون. اميدوارن لاءِ تعليمي قابليت ميٽرڪ سائنس، ميٽرڪ آرٽس ۽ لاڳاپيل ٽيڪنيڪل ڊپلوما آهي، جڏهن ته عمر ۽ جسماني معيار هر برانچ جي مطابق مختلف هوندا. پاڪستان نيوي ريڪروٽمينٽ سينٽر سکر جي مطابق، آن لائن رجسٽريشن 05 جولاءِ 2026 تائين جاري رهندي. اميدوار پاڪستان نيوي جي ويب سائيٽ www.joinpaknavy.gov.pk تي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا يا ويجهي پاڪستان نيوي ريڪروٽمينٽ اينڊ سليڪشن سينٽر سان رابطو ڪري سگهن ٿا.










