بدين ۾ غيرقانوني حددخلين خلاف آپريشن، ڪارروائي دوران رستن تي رکيل غير قانوني سامان ضبط ڪندي گاڏين تي ڏنڊ هنيو ويو

بدين- 30 جون (اي پي پي) بدين ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين پير محمد صالح قريشي جي هدايتن تي شهر ۾ غيرقانوني حددخلين خلاف آپريشن جاري آهي، ڪارروائي دوران رستن تي رکيل غير قانوني سامان ضبط ڪندي گاڏين تي ڏنڊ هنيو ويو. بدين ۾ فوڪل پرسن عبدالڪريم گڊو اڊيجو ميونسپل عملي ۽ ٽريفڪ انچارج مولا بخش آريسر وڏي منشي سان گڏجي مهراڻ چوڪ کان قائداعظم روڊ ۽ نئين واهه جي …

بدين- 30 جون (اي پي پي) بدين ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين پير محمد صالح قريشي جي هدايتن تي شهر ۾ غيرقانوني حددخلين خلاف آپريشن جاري آهي، ڪارروائي دوران رستن تي رکيل غير قانوني سامان ضبط ڪندي گاڏين تي ڏنڊ هنيو ويو. بدين ۾ فوڪل پرسن عبدالڪريم گڊو اڊيجو ميونسپل عملي ۽ ٽريفڪ انچارج مولا بخش آريسر وڏي منشي سان گڏجي مهراڻ چوڪ کان قائداعظم روڊ ۽ نئين واهه جي موري تائين روڊن تان غير قانوني حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران روڊن تي رکيل غير قانوني سامان ضبط ڪيو ويو، جڏهن ته رستن تي بيٺل بي ترتيب گاڏين تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. انتظاميا موجب شهر ۾ غيرقانوني حددخلين خلاف آپريشن جو مقصد  ٽريفڪ جي رواني بحال ڪرڻ ۽ شهرين کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي.

مزید خبریں