حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير حل ڪيا وڃن: ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي

لاڙڪاڻو- 30 جون (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير حل ڪيا وڃن. پگھارون، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ادا ڪيون وڃن ۽ جن بابت رڪاوٽون درپيش آهن انهن کي اي جي سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻو …

لاڙڪاڻو- 30 جون (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير حل ڪيا وڃن. پگھارون، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ادا ڪيون وڃن ۽ جن بابت رڪاوٽون درپيش آهن انهن کي اي جي سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻو ۾ ملازمن جي مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ کلي ڪچهريءَ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جن به ملازمن جون رهتون خاص طور تي جي پي فنڊ ۽ پينشن رهيل آهن انهن جون وقت سر ادائگيون ڪيون وڃن ته جيئن کين ڪا به تڪليف درپيش نه اچي. هن وڌيڪ چيو ته انهن ملازمن بابت تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي جن کي ادائگيون ڪيون ويون آهن ۽ جن کي ادائگيون نه ٿيون آهن انهن بابت پڻ ٻڌايو وڃي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو ضمير حسين کوکر ڳالهائيندي چيو ته سڀني ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي دير نه ڪئي پئي وڃي پر ان لاءِ ضروري آهي ته ملازمن جا گھربل ڪاغذات پورا هئڻ گھرجن ۽ قانوني گهرجون پوريون هئڻ گھرجن.کليل ڪچهريءَ ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو عبدالفتاح سومرو آفيس جي عملي کي هدايتون ڏيندي چيو ته جن ماڻهن جا ڪيس خاص طور تي جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون رهيل آهن اهي اڪلايون وڃن. هن اهو پڻ چيو ته جن به ملازمن جي پينشن ۽ ٻي بقاياجات رهيل آهي اها اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي اجازت کانپوءِ ان جي ادائيگي ڪئي ويندي. ان سان گڏوگڏ پگھارن جي ڊفرنس بلن جي ادائيگيءَ لاءِ لاڳاپيل اداري جي اجازت لازمي آهي. ان کان علاوه جيڪي پراڻا ڪيس رهيل آهن انهن بابت اداري کي لکيو ويندو ۽ انهن جو جواب حاصل ٿيڻ کانپوءِ اهي ڪيس حل لاءِ اعليٰ اختيارين ڏانهن موڪليا ويندا.کلي ڪچهريءَ ۾ تقريبن 10 شڪايتون مليون جن کي وقت سر اڪلايو ويو. درخواستگذارن ۾ مسمات ممتاز، مسمات رفيعه، عبدالحق کوسو، علي نواز جوڻيجو، محمد خان ۽ ٻيا پڻ شامل هئا، جيڪي مختلف سرڪاري کاتن سان واسطور رکندڙ هئا.

مزید خبریں