پيرو جي صدارتي چونڊ ۾ عورت اميدوار ڪيڪوفوجيموري ڪامياب، 28 جولاءِ تي حلف کڻندي

ليما-30 جون (اي پي پي) پيرو ۾ صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ساڄي ڌر جي جماعت پاپولر فورس جي عورت اميدوار ڪيڪوفوجيموري ڪامياب ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب کاٻي ڌر جي اميدوار روبرٽو سانچيز کي هارائڻ کان پوءِ نئين چونڊيل صدر ملڪ ۾ امن امان بحال ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. حتمي نتيجن موجب ڪيڪو فوجيموري هڪ ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ڪاسٽ ڪيل ووٽن مان 50 …

ليما-30 جون (اي پي پي) پيرو ۾ صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ساڄي ڌر جي جماعت پاپولر فورس جي عورت اميدوار ڪيڪوفوجيموري ڪامياب ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب کاٻي ڌر جي اميدوار روبرٽو سانچيز کي هارائڻ کان پوءِ نئين چونڊيل صدر ملڪ ۾ امن امان بحال ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. حتمي نتيجن موجب ڪيڪو فوجيموري هڪ ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ڪاسٽ ڪيل ووٽن مان 50 هزار کان به گهٽ ووٽن جي فرق تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪيڪو فوجيموري 28 جولاءِ تي پنجن سالن جي صدارتي مدي لاءِ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندي.