جرمني يوٿ سينٽر جي واقعي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو

برلن-30 جون (اي پي پي)جرمني جي يوٿ سينٽر ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ان واقعي کي شروعاتي طور تي خانداني واقعو قرار ڏنو آهي. پوليس موجب مارجي ويل سمورا بالغ آهن جڏهن ته هڪ زخمي جي حالت مستحڪم آهي. واقعي جو مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين 2 ماڻهن کي به واقعي سان …

برلن-30 جون (اي پي پي)جرمني جي يوٿ سينٽر ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ان واقعي کي شروعاتي طور تي خانداني واقعو قرار ڏنو آهي. پوليس موجب مارجي ويل سمورا بالغ آهن جڏهن ته هڪ زخمي جي حالت مستحڪم آهي. واقعي جو مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين 2 ماڻهن کي به واقعي سان تعلق جي شق ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن جرمني جي اترئين شهر اسٽيڊ ۾ يوٿ ويلفيئر سينٽر ۾ فائرنگ جي واقعي بعد پوليس ۽ ايمبولينس جو وڏو انگ واقعي واري پهتو. پوليس موجب شهر جي هڪ يوٿ ويلفيئر سينٽر ۾ فائرنگ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. شروعات ۾ پنجن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي بعد ۾ انگ وڌي 6 ٿي ويو. پوليس موجب واقعي ۾ ملوث شقي ڏوهاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي جي مڪمل جاچ جاري آهي. اختيارين شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي حفاظت سبب متاٿثر علائقي کان پري رهن.